وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڀرپور پيداوارا هجڻ باوجود اٽي جو بحران، سميت ڀاڻ، پيٽرول ۽ ٻين ضروري شين جي کوٽ آهي.
مٺي ۾ جيپ ريلي جو جائزو وٺڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي وڏي مراد علي شاهه چيو ته ٿر ريس ۾ سڄي پاڪستان مان ماڻهن شرڪت ڪئي آهي.ڪوشش آهي ته ٿر ۾ ٻين راندين جون سهولتون به فراهم ڪيون وڃن.
ملڪي صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته وفاقي حڪومت ڇا ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ڀرپور پيداوار هجڻ باوجود اٽو حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون آهن، ڀاڻ، پيٽرول ۽ ٻين ضروري شين جي کوٽ آهي.
هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت تي الزام هڻڻ کان سواءِ ڪجهه به نه پئي ڪري، پي ٽي آءِ سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ کان اڳ قانون تي عمل ڪري، ٿر جي ڪوئلي جي رائلٽي تي مڪمل ٽيڪس لڳايو ويندو.