ڪورنگي ۾ پلاٽ خالي ڪرائڻ تان چڪريون، فائرنگ، 2 ڄڻا خمي، ڌرڻو

ڪورنگي (رپورٽ:اميرجان چانڊيو ) ڪورنگي ۾ پلاٽ خالي ڪرائڻ ويندڙ زمان ٽائون ٿاڻي جي پوليس ۽ رهواسين ۾ ڇڪتاڻ پوليس پاران  آسوگئس شيل جو استعمال ۽ فائرنگ علائقو ميدان جنگ بڻيل فائرنگ ۾  ٻه ڄڻا زخمي. پوليس جي آسو گس شيل اڇلائڻ سبب عورتون ۽ ٻارڙا بيهوش سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پوليس خلاف متاثرن پاران ڪوسٽ گارڊ چورنگي وٽ سخت احتجاجي مظاهرو ڪري  پوليس گردي خلاف نعري بازي ڪندي ڌرڻو هنيو ويو  پوليس هٿان فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن ۾ 22 ورهين جو نورالبشر ولد محمد نور ۽ 17 ورهين جو ابوطالب ولد ابو هاشم شامل آهي جن کي جناح اسپتال داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته احتجاج ڪندڙن جو پوليس مٿان الزام آهي ته پوليس لينڊ گريبرز جي ساٿاري بڻجي سندن گهر تي ڪاهه ڪندي  زبردستي اسان کان گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي انڪار تي پوليس مڇرجي  سڌي فائرنگ ڪرڻ سميت آسو گئس شيل اڇلايا آهن پوليس فائرنگ ۾ اسان جا 4  ماڻهو زخمي ڪيا آهن متاثرن جو وڌيڪ الزام هو ته پلاٽ جو دعويدار سندن ڇوڪري سان شادي جو به خواهشمند هو جنهن کان انڪار تي هن پلاٽ جو جواز ڄاڻيندي گهر تي ڪاهه ڪرائي آهي پلاٽ جو معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي پوليس لينڊ گريبرز کان ڳري رشوت وٺي سندس وانگارو بڻجي اسان سان وڏو ناحق ڪيو آهي هنن چيو ته جيستائين انصاف نه ٿيندو احتجاج جاري رکيو ويندو آخري اطلاعن تائين عورتن مردن پاران پوليس خلاف احتجاج جاري هو ٻئي طرف زمان ٽائون ٿاڻي جي وڏي منشي اياز عباسي رابطو ڪرڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 48F1 واري علائقي  ۾ ڪورٽ جي حڪم تي بيلف سان گڏ پوليس پلاٽ خالي ڪرائڻ لاء وئي ته پلاٽ ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ سندن ساٿين پوليس هنگامون ڪندي پوليس  مٿان فائرنگ ڪئي ۽ موبائل گاڏي جا شيشا به ٽوڙيا ويا پوليس پنهنجي بچاء خاطر فائرنگ ڪئي آهي زخمين ٻه ماڻهو شامل آهن جيڪي پوليس حراست هيٺ زير علاج آهن .ان سلسلي ۾ وڌيڪ معلومات لاء ايس ايڇ او زمان ٽائون همايوخان ۽ ڊي ايس پي اسلم جويو سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي جن مصروف هئڻ جو چئي موئقف نه  ڏنو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.