شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس: آيف آءِ اي جي جاچ رپورٽ جمع

لاهور (ويب ڊيسڪ) شهباز شريف فيملي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي بينڪرز بابت جاچ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي.

ايف آءِ اي موجب مني لانڊرنگ ۾ بينڪرز جي ڪردار بابت اسٽيٽ بينڪ کان انڪوائري ڪرائي وئي، رپورٽ جي روشني ۾ اهو چئي سگھجي ٿو ته ڪو به بينڪر ڏوهاري ناهي مليو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بينڪرز خلاف مني لانڊرنگ ۾ مدد جا ثبوت ناهن مليا، ايف آءِ اي جي رپورٽ حتمي آهي جنهن ۾ ڪنهن به بينڪر کي جوابدار قرار ناهي ڏنو ويو.

ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻين ڪيسن جيان ان ۾ به ماسٽر مائينڊ اهي ئي آهن جن فائدوورتو، بي نامي اڪائونٽس جو آپريٽ ٿيڻ ڪمرشل بينڪن جي ناڪامي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بينڪ کي ان معاملي جي انڪوائري لاءِ درخواست ڏني، چئي سگھجي ٿو ته بينڪرز جو ان ڏوهه ۾ ڪو به ڪردار نه آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن احتساب بابت وزير اعظم جي مشير شهزاد اڪبر به پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ايف آءِ اي جي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ ڪو به بينڪر ملوث نه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.