سياسي ڊراما ۽ نوازشريف جي اچڻ وارو معاملو 

تحرير؛رياض ابڙو 

اسان جتي هر ڳالھه ۾ کڻي پوئتي به هجون، عوام ڏتڙيل هجي، مهانگائي چوٽ چڙهيل هجي، غريب ماڻهو بيروزگاريءَ مان تنگ هجن، اتي اسان جا موسمي سياستدان ان ٺڳي واري سياسي بصيرت ۾ تمام گھڻا اڳتي آهن، پوءِ هاڻوڪو ڀلي دور ڪيترو به اڳتي هجي يا جديد هجي، ميڊيا ڪيتري به آزاد هجي، ڀلي عوام کي پل پل جي خبر به پوندي هجي پر الميو اهو ضرور آهي ته وقت گذرڻ سان ڪجهھ ڳالهيون لڪي ۽ دٻجي ٿيون وڃن ۽ ڪجهھ سال گذرڻ سان اهو ڪوڙ سچ ۽ سچ ڪوڙ ثابت ٿي ٿو پوي، ملڪ جتي 75 سالن جو ٿي ويو هجي پر حڪمران رعايا کي اڃان اميچوئر، اڻڄاڻ ۽ نڪور ٿا سمجهن، اهي اهو ٿا سمجهن ته عوام کان سڀ ڪجهھ وسري ويو آهي، سڀ مارشلائون، سڀ عقوبتون، سڀ ظلم ۽ ذيادتون، سڀ هٿ ٺوڪيا فيصلا (جيڪي ماضيءَ جا سچ هيا ۽ هاڻي ڪوڙ ٿي ويا) آرٽيڪل ڇهھ ٽوڙي ڪير ملڪ مان ڀڄي نڪري هليو ويو، يا ڊيمن جا ڊراما ڪندڙ شخص ڪيئن عوام کي چونو هڻي ڀڃي پڙُ ڪري ويو، اهي سڀ هاڻي لڀن ئي نه ٿا، ۽ ڄڻ ته عوام کان وسري ويا هجن، ۽ هاڻي پي ٽي آءِ وارا به اهو ٿا سمجهن ته جڏهن هنن نون ليگ وارن سان پناماليڪس وارا ڊراما ڪيا هيا، ڪرپشن جا ڪيس ڪڍي يا ظاهر ڪري هي پي ٽي آءِ وارا سوڀارا ٿيا هئا ۽ هڪ ٽنگ تي نچندا هيا، ۽ اهو پيا سمجهن ته نوازشريف هنن جي هٿئون نه بچي سگهندو، پر پاڻ سياسي پارٽين سان ڳٺ جوڙ ڪري، آزيون نيازيون ڪري ميدان خالي ڪرائي اڪيلا ٿي ويهي رهيا.

وري هاڻي ٿا چون ته 2019 ۾ شهبازشريف جيڪو ”افيڊيوٽ“ ڏنو هيو جنهن ۾ هن نوازشريف جي طبعي حالت تي جيڪي به رپورٽون ورتيون هيون اهي ميڊيڪل رپورٽون هاڻي غلط يا ڪوڙ آهن، اهي رڳو بهانو هيون ان ڪري ته جيئن نوازشريف ملڪ ڇڏي آسانيءَ سان ڀڄي وڃي، سڪون سان لنڊن ۾ ويهي علاج ڪرائي ته جيئن خان پنهنجا پنج سال ڪڍي وڃي، ۽ نون ليگ وارا اها ڳالھه به ڀلي ڀت سمجهن پيا ته عمران خان جي سرڪار ڪنهن ڪم جي هوندي ۽ نه انهن کان ڪي ڪيس اڪلائبا، پر نوازشريف جي هتي هجڻ سان سياست وڏي ضدر بحث واري ٿي پوندي، ان ڪري هي سرڪار پوءِ اهڙين حالتن ۾ هڪ سال به نه هلي سگهندي، ان ڪري ان مصلحت ۾ پي ٽي آءِ وارن جو هٿ هيو ته انهن جي سياست ۾ به آسانيون پيدا ٿين ۽ پي ٽي آءِ وارا عوام کي چونو هڻن.

۽ هاڻي به پي ٽي آءِ وارن جا افلاطون وزير ان ڳالھه ۾ لڳا پيا آهن ته ”اهو سڀ غلط هيو، لاهور ڪورٽ نوازشريف سان پَهرُ وهي وئي، ۽ ڪوڙين ميڊيڪل رپورٽن تي انهن اهڙو فيصلو ڏنو هيو جنهن جي ڪري هاڻي ڪورٽ جو اهو فيصلو مٿي چيلينج ڪري سگهجي ٿو“ ڳالھه سمجهھ کان مٿي آهي، ڀلا جي شهبازشريف اهو افيڊيوٽ ڏنو به هيو ته بدلي ۾ 7 ارب روپين جو بانڊ به لکي ڏنو هين، پر هاڻي پي ٽي آءِ جا چنگيزخان ان ساڳي اڻ ڄاڻ سياست تي بيٺا آهن ته لاهور ڪورٽ هاڻي شهبازشريف کي ان ڪوڙ ثابت ٿيڻ جي عيوض ته، هن جو ڀاءُ نوازشريف نه موٽيو ته اهو بانڊ به ويو ۽ بدلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ هاڻي شهبازشريف کي سزا ڏئي ۽ هن جي قومي اسيمبليءَ واري سيٽ ختم ڪري هن کي نااهل قرار ڏئي، هن جي خلاف ڪاروائي ڪري، پر هاڻي جڏهن هنن تي پاڻ زور پيو آهي ته ”هم تو ڊوبين گي صنم تمهين بهي لي ڊوبين گي“ واري ڳالھه آ، ان ڪري ته هاڻي هي پاڻ ڦاٿا آهن هنن جي مٿان به فارين فنڊنگ وارا ڪيس اٿليا آهن، جو هنن به قانون ۽ آرٽيڪلن جي ڀڃ ڊاھ ڪئي هئي، هنن جي خلاف به ڊسڪا اليڪشن جو فراڊ سامهون اچڻو آهي، ان ڪري هي سياسي ماحول هن سرديءَ ۾ گرمائڻ ٿا چاهن (هونءَ به سيپٽمبر کان وٺي مارچ تائين سڀ پارٽيون رڳو ويٺيون مارچ مارچ ڪنديون آهن ۽ ماڻهن کي به اهو لڳندو آهي ته جيڪي مخالف سياست ٿا ڪن اهي ئي عوام جا سڄڻ آهن باقي جيڪي ڪرسي تي ويٺا آهن اهي عوام جا سڄڻ ناهن، حڪومتي فلاسافي ابتي آهي، جيڪي سرڪار ۾ آهن اهي ٺڳ ۽ جيڪي حڪومت ۾ ناهن اهي سچا، ۽ اها ڳالھه منطقي آهي پوءِ چهرا ڀلي مٽجن).

پر هيل تائين بيڪار سياست ڪري ڪري لڳي ٿو هي پي ٽي آءِ وارا به سمجهن ٿا ته هنن جي سياست ۾ ڪجھ ناهي رهيو، ان ڪري هاڻي اهڙا کيل ٿا رچائن جو عوام اهو سمجهي ته هي وڏا سچا ۽ پختا آهن باقي سياستدان ٽڪو لهن، يا هروڀرو پي ٽي آءِ وارا بجيٽ جي غمزده ۽ ڏک ۾ ورتل عوام کي کلائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن ته هي نون ليگ وارن کي ڦاهيون ڏيندا، ڀلا ان ٽائيم تي هنن اهو ڇو نه ڪيو ته ڪو به چور سياستدان ملڪ ڇڏي نه ٿو وڃي سگهي، يا اي سي ايل (لسٽ) ان مهل ايڪٽو نه هئي، پر ڪير چور هجي ها ته هي پي ٽي آءِ وارا به ڳالهائن ها، يا ڪير انڌي ڪري ويو هجي ته هي پي ٽي آءِ وارا پنهنجو سچ ثابت ڪن، ڪير هنن وانگي انوکي ڪرپشن ڪري ويو هجي ته ڳالهائن، ڇو ته جيئن هنن قانون، آئين ۽ آرٽيڪل سان ناحق ڪيو آهي ٻين ناهي ڪيو، جيئن هنن ڀڃڪڙي ڪئي آهي ڪنهن به نه ڪئي هوندي، جو 1974، 2002 ۽ 2007 جي اليڪشن ايڪٽ تحت ڪير به ٻاهرين ملڪن مان چندو نه ٿو ڪري سگهي پر ڪري کائي ويا جو ”رهو حلال ۽ ٻوٽيون حرام“ واري ڳالھه ڪري 2018 واري اليڪشن گهمائي کڻي ويا پر عوام کي وري به چريو ڪري ويا.

سياست رڳو ايوانن، روڊن، پمفليٽن، ڪنٽينرن تي وڃي رهي آهي، يا موسمي سياست هاڻي ڪنٽينرن تان لهي رڳو ايوانن ۾ گوڙ ڪرڻ تائين رهجي وئي آهي، يا اهي رياستي عملدار اهو ضرور ٿا سمجهن ته عوام جي اکين تي هٿ رکي سياست ڪجي يا ڪري وڃجي، پر هر دور ۾ اهڙا سياسي موسمي اڳواڻ به پيدا ٿيندا رهندا آهن جيڪي سڄو ڏينهن پنهنجي هٿ گھڙيي اڳواڻ جي فرسوده سياست کي بچائيندا رهندا آهن، هي ساڳا ئي مشير ۽ وزير آهن جيڪي پهرين ان نون ليگ ۾ ئي هوندا هيا (تڏهن به شاھ جا وفادار هوندا هيا) هاڻي به ساڳي ڳالھه اٿن، پر عوام هاڻي هنن جي ڊرامي کي سمجهي ٿو.

شهبازشريف کي ڪرپشن جي ڪيس ۾ سيپٽمبر 2020 ۾ ايف آءِ اي وارن کڻي جيل موڪليو، وري ڪجهھ نه ورين جو اهو 60 سالن جو پوڙهو سياستدان پي ٽي آءِ جي اچڻ سان ئي جيل جي منهن ۾ پيو، وري ڇھه مهينا ڪوٽ لکپت جيل ۾ رهي وري سيپٽمبر 2020 ۾ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ اندر ٿي ويو، يا هنن کي رڳو ان ڳڻتي ماريو ته 1990 ۾ 16 ڪروڙن جي مال ملڪيت ظاهر ڪرڻ وارن جا 2018 ۾ 700 ڪروڙ ڪاڏهون آيا؟ جو نه انهن وٽ شوگر ملون آهن، نه انهن وٽ اتفاق اسٽيل فائونڊيشن آهي، نه انهن وٽ اوورسيز فيڪٽريون آهن پر پي ٽي آءِ کي رڳو ان ڳڻتي ماريو باقي ملڪ ۾ سڀ صحيح لڳو پيو آهي، نوازشريف ايندو يا نه ايڏو گرم بحث آهي جنهن جي حد ناهي، ان ڪري ته هيل هنن نون ليگ وارن جو وارو ٿو لڳي يا هي سڀ ليکا چوکا ڇڏائي وري ڪرسي وٺي ويندا، ڇو ته عوام ۾ سافٽ ڪارنر يا خاص پنجاب ۾ نون ليگ جي لاءِ نرم گوشو ضرور آهي يا جيڪي به ضمني چونڊون ٿيون انهن ۾ هنن جي بلي بلي آهي.

نوازشريف جي پاسپورٽ ڀيريءَ به ساڳي ڳالھه هئي ته ان جهوني سياستدان جو پاسپورٽ نه ٺهندو يا هي ٺهڻ نه ڏيندا يا هنن جي هٿ وس آهي ته اهي پاسپورٽ جاري نه ڪندا جو هي نوازشريف جا مخالف ۽ عوام جا همدرد آهن ۽ هنن ته عوام جي دل ٺاري رکي آهي ان ڪري هي جيڪي به فيصلا ڪندا اهي عوام جي دل وٽان هوندا، پر ڳالھه اها به آهي ته سعوديءَ وانگي يورپ يا دنيا جا سڀ ملڪ اهڙي بزنس مين کي من سان پسند ڪندا آهن جيڪو اربين ڊالر کڻي اچي ۽ انهن وٽ سيڙپڪاري ڪري، انهن جي معيشت ۾ حصو ڳنڍي، انهن جي ماڻهن کي روزگار ڏئي، يا ٻيو ته لنڊن ۾ نوازشريف جا وڏا ٻار (پنهنجن ٻارن ٻچن وارا) رهيا پيا آهن اهي پنهنجي والدين کي بنا ڪنهن پڇاڳاڇا جي رهائي سگهن ٿا، ٽيون ته 60 سالن کان مٿي لنڊن ۾ پاسپورٽ جي پڇاڳاڇا ناهي هوندي، چوٿون ته پاڪستان ۾ 60 سالن کان مٿي شناختي ڪارڊ جي ايڪسپائري ناهي هوندي اهو لائيف ٽائيم هوندو آهي ته پوءِ پاسپورٽ به لائيف ٽائيم هوندو ، ٽيون ته هنن پي ٽي آءِ وارن کي اهڙي سياسي چال به هلڻ نه ٿي اچي هي سمجهن ٿا ته بجيٽ جو ماريل عوام آءِ ايم ايف جي ڳالھه تان لهي وڃي ۽ ملڪ ۾ ٻيو ڪو اشو هلي ته جيئن ماڻهو وري ان ڳالھه ۾ اچي پي ٽي آءِ جي واھ واھ ڪن ۽ هڪ نئين سياسي ڪـُن ۾ ڦاسي پون، جڏهن ته نوازشريف اچي نه اچي پر وارو ته وري به نون ليگ کي ئي ملندو يا گڏيل سرڪار پر پي ٽي آءِ جي ٻاراڻي سياست جو ڪجهھ نه ٿيندو، هي ڪهڙيون اتڪلون ڪن، ڪهڙي به سياست ڪن، پر انهن جي سياست ۾ اها سچائيءَ واري جهلڪ هرگز ناهي ان ڪري سياسي وڪڙ چاڙهڻ کان بهتر آهي ته حقيقي ۽ عوامي سياست ڪن، ۽ لکي ڇڏين ته نوازشريف ايندو ۽ هي وري هن ملڪ ۾ نظر نه ايندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.