ڪراچي مان واپاري ويرڀان قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار، ڦر ڪيل 73 لک رپيا هٿ

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي پوليس ڪلفٽن ۾ ڦر دوران قتل ٿيل واپاري ويرڀان جي قتل جو مک جوابدار گرفتار جوابدار کان ڦر ڪيل 73 لک رقم پڻ برآمد ڪئي آهي. ڊي آءِ جي شرجيل کرل موجب علائقي ڪلفٽن شون انڊر پاس وٽ بئنڪ مان رقم وصول ڪندڙ ڏهرڪي واسي ويرڀان کان 73 لک رقم ڦر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ ڪراچي پوليس ٽيمون جوڙيون ويون هيون ڪالهه قتل ۾ ملوث مک جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس کان ڦر ڪيل 73 لک رقم پڻ برآمد ڪئي وئي آهي جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ان لاء خاص ٽيمون جوڙيون ويون آھن جوابدار گزري جي ٻاهر بينڪ جي ڊڪيتي ۾ به هنن جو گروپ ملوث آهي.

ڊي آءِ جي سائوٿ شرجيل کرل

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.