حڪومت وٽ سادي اڪثريت ناهي رهي، اسٽيبلشمينٽ جو پيغام

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) قومي اسيمبلي مان مني بجيٽ منظور ڪرائڻ دوران ا سٽيبلشمينٽ 2 ڪارڊ کيڏيا، ساڳي طرح مخالف ڌر به 2 ڪارڊ کيڏيا، نامياري تجزيا نگار رضوان رضي پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ حڪومت کي اهو احساس ڏياريو ته هاڻي سرڪار وٽ سادي اڪثريت نه رهي آهي، عددي اڪثريت به اسان فون گهمائي اوهان کي ڏياري آهي ان ڪري اسان جا ڪم به ٿيندا رهڻ گهرجن. ٻئي طرف مخالف ڏر کي اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته اسان جي حمايت بنا ڪجهه به ممڪن نه آهي. مخالف ڌر به هڪ طرف اسٽيبلشمينٽ کي پيعام ڏنو ته اوهان جو حڪم اکين تي ، اسان وڏي رڪاوٽ نه بڻياسين، ٻئي طرف اندروني طور مخالف ڌر اڻ سڌي طرح مني بجيٽ جي ان ڪري به گهڻي مخالفت نه ڪئي ته مهانگائي جو سونامي ايندو، جنهن سان حڪومت خلاف عوامي سطح تي ڪاوڙ ۽ نفرت وڌندي جنهن جو فائدو مخالف ڌر کي ٿيندو، جڏهن ته بظاهر مخالف ڌر حڪومت خلاف نعريبازي ڪندي رهي ، سو ان سموري راند ۾ حڪومت کي اهو پيغام ملي ويو ته وزيراعظم وٽ هاڻي سادي اڪثريٽ نه رهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.