جيڪب آباد ويجهو ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾صدر ٿاڻي جي حد سبزي منڊي وٽ قومي شاهراهه تي ڪار ۽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي  ۾ 22 ورهين جو بلال کوسو، 42  ورهين جو شاھه زمان بروھي، 28 ورهين جو گل بھار سومرو ۽ ڪار سوار لطف الله کوسو سخت زخمي ٿي پيا. علائقي واسين زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ھڪ زخمي گل بهار سومرو جي حالت خراب هئڻ تي کيس سکر منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.