ڊي آءِ جي سکر پروموشن جي منظوري ڏئي ڇڏي

سکر( رپورٽر ) سکر ۾ ريويو ڊيپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جو اجلاس ڊي آءِ جي سکر جي سربراهي ۾ ٿي گذريو، ريويو پروموشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال، ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون، ايس ايس پي گهوٽڪي محمد اظهر مغل، او ايس سعيد احمد سومرو، پي ايس اشفاق لغاري، انچارج ايڊمن رفيق قريشي، هيڊ ڪلارڪ علي اصغر ڀيو شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ريويو پروموشن ڪميٽي پاران اي ايس آءِ کان سب انسپيڪٽر جي 15 مان 9 ڪيسن کي پروموشن جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ هيڊ ڪانسٽيبل سي اي ايس آءِ جي 8 مان 5 ڪيسن جي پروموشن جي منظوري ڏني وئي، ان ڏس ۾ هيڊ ڪانسٽيبل سي اي اي آءِ جي عهدي تي پروموشن حاصل ڪندڙ ۾ سچل ٿهيم، ذوالفقار لغاري، ضمير لاشاري ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته پرموشن ڪميٽي پاران اي ايس آءِ مان سب انسپيڪٽر طور پروموشن حاصل ڪندڙ ۾ شڪيل پٺاڻ، نظير سومرو، محمد بخش ابڙو ۽ ٻيا شامل آهي، جڏهن ته ريويو پروموشن ڪميٽي ۾ مختلف سبب ڪري پروموشن نه ملندڙ ڪيسن کي اگلي ڊيپارٽمنٽل پروموشن ڪميٽي تي ملتوي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڊي آءِ جي سکر طارق عباس قريشي صاحب ترقي حاصل ڪندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي کين محنت ۽ لگن سان پنهنجي فرض انجام ڏيڻ ۽ عوام سان انصاف ۽ تعاون جي هدايت ڪئي آهي.

  • سيوهڻ ۾ نوجوان سان ڏاڍائي ڪيس مامرو، اڳوڻو ايس ايڇ او عدالت ۾ پيش

سيوھڻ(ن ع آ)نوجوان سان پوليس عملدار پاران ڏاڍائي ڪيس وارو مامرو: ھڪ مھينو اڳ مبينا طور تي نوجوان غلام مصطفي بلوچ سان ٿيل ڏاڍائي واري ڪيس ۾ نامزد ۽ الزام ھيٺ آيل اڳوڻو ايس ايڇ  او پير الھه بچايو ڪالهھ پنهنجي وڪيل عاشق حسين سولنگي سان گڏ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سيوھڻ ۾ پيش ٿيو پر جج موڪل تي ھئڻ ڪري  ڪيس جي ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. ياد رھي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت ۾ وڪيل پاران درخواست جمع ڪرائي ھئي جنھن ۾ ڄاڻايو ويو ھو ته سيوھڻ پوليس الزام ھيٺ آيل اڳوڻي ايس ايڇ او پير الھه بجايو کي گرفتار ڪري ۽ ان مٿان تشدد ڪيو ويو آھي جنھن بعد پوليس کيس دادو جي فتح چوڪ تي ڇڏي وئي ھئي ۽ ھو بيمار ٿي پيو آھي جنهن بعد ڄاڻايل جوابدار ايس ايڇ او ڪالھه عدالت ۾ پيش ٿيو پر جج موڪل ھئڻ سبب انچارج جج پاران ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي کيس 17 جنوري تي ٻيھر پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي.

  • حيدرآباد جيل ۾ پڪو قيدي دل جي دوري سبب فوت

حيدرآباد (رپورٽر) سينٽرل جيل حيدرآباد جو پڪو قيدي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. 48 ورهين جي عبدالله پٽ نور الدين قريشي خلاف 2012ع ۾ سخي پير ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هو 25 سالن جي سزا ڀوڳيندڙ هو. جيل انتظاميا موجب قيدي عبدالله  جي طبعيت خراب ٿي جنهن کانپوءِ کيس جيل جي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ويو. ڊاڪٽر کيس سول اسپتال منتقل ڪرڻ جي صلاح ڏني جتي هو فوت ٿي ويو. قيدي عبدالله 31 ڊسمبر 2012ع کان جيل ۾ هو. کيس مقامي عدالت 26 سيپٽمبر 2019ع تي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ڄاڻايل قيدي ٽنڊو ولي محمد جي مساڻ روڊ واري علائقي جو رهواسي هو. اطلاع تي سندس وارث اسپتال پهتا، پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد قيدي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.