ڪوٽڏيجي ڀرسان شرپسند پاران ڳوٺاڻي جي گهر کي باهه، احتجاج

خيرپور( ڊ ر )ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخو لاشاري جي ڀرسان ٻاڦو ۾ نامعلوم هٿياربند سيد زوار حسين شاھ جي گھر مٿان باھ ڏئي فرار ٿي  ويا ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيد زوار شاھ ۽ ان جي فيملي گھر جي دروازي کي تالو هڻي سوهوقناصرا ويا هئا ته نامعلوم هٿياربندن سندن گھر جي دروازن جا تالا توڙي گھر ۾ رکيل قرآن پاڪ گھر کان ٻاهر ڪڍي گھر مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو جڏهن ته گھر ۾ رکيل 20هزار روڪ رقم 2 تولا سونا زيور ڪڻڪ جو ان فرج رنگين ٽي وي ۽ ٻيو سڄو سمان سڙي رک ٿي ويو اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نقصان جا تفصيل وٺڻ کان پوءِ معمول موجب واپس رواني ٿي وئي آخري اطلاعن تائين واقعي  جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.