سکر ملٽري روڊ تان ٽيليفون جون تارون چوري، همراهه سوگهو

سکر( رپورٽر) سکر ملٽري روڊ واري علائقي اعواڻ محلا ڀرسان شهرين  پي ٽي سي ايل جون تارون چوري ڪندي هڪ چور کي پڪڙي ورتو، جنهن  وٽان تارون ڪٽڻ وارو جديد ڪٽر ۽ هزارين روپين جي انٽرنيٽ جون تارون برآمد ڪيون ويون، جنهن کي بعد ۾ سکر پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، شهرن جو چوڻ آهي ته مذڪوره چور جيڪو گروهه آهي جيڪو گورنمينٽ جي ادارن کي ڪافي عرصي کان گھربل هيو، جنهن هن مهل تائين لکين روپين جون تارون ڪٽي وڪرو ڪيون آهن. ان ڏس ۾ سکر پوليس جو چوڻ آهي ته پڪڙيل جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.