ڪوٽڙي ۾قتل نوجوان جو ڪيس داخل، جوابدار عدالت ۾ پيش

ڪوٽڙي(ن ع آ) ڪوٽڙي گذريل ڏينهن ڪوٽڙي ۾ پوليس اهلڪار پاران ڦورو ڄاڻائي قتل ڪيل ڪي اين شاھ واسي آصف آرائين جي وارثن ٻن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو جوابدار 4 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي  ڪوٽڙي سائيٽ غوثيا ڪالوني ۾ گذريل ڏينهن صبح جو  پوليس انسپيڪٽر ذوالفقار حيدري جي پٽ پنهنجي ئي نوجوان مائٽ مقتول آصف آرائين کي  قتل ڪرڻ بعد ڦر جو ڊرامو رچايو هو اڄ  مقتول جي ڀاء الياس آرائين جي فرديا تي انسپيڪٽر ذولفقار حيدري جي  ٻن پٽن  ممتاز علي ۽ اظهار علي مٿان ڪوٽڙي ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ  منهنجو ڀاء ڪار وٺڻ لاء ڳوٺان پئسا کڻي حيدرآباد آيل هو جنهن کي قتل ڪيو ويو،انسپيڪٽر ذولفقار حيدري وارا ويجھا  عزيز آھن جن وٽ منهنجو ڀاء ترسيل هوجتي  ممتاز علي ۽ اظهارعلي پئسن جي لالچ ۾  اچي منهنجي ڀاء کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو  ۽ ڦورو هجڻ جو ڍونگ رچايو  ايس ايڇ او سائيٽ خير محمد ملاح جو چوڻ آهي تہ ٻئي جوابدار جاچ لاء اڳ ۾ حراست ۾ ورتل آهن جن مٿان ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي هن چيو تہ ڪنهن بہ حوالي سان معاملو ڦر جو نٿو لڳي، پر پوء بہ مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.