فريد آباد ڊگري ڪاليج عمارت 10 سالن بعد به نه ٺهي ،سرڪار کي 80 لک جو چونو

فريدآباد ( ن ع آ) فريدآباد ۾ ڊگري ڪاليج جي بلڊنگ جو 10:سالن کان تعميراتي ڪم رولھڙي جو شڪار،ڊگري ڪاليج جو ڪم سست رفتاري سان ھلڻ ڪري اڌ ڪم به ٿي نه سگھيو ـ 2008 کان وٺي منظور ٿيل ڪروڙين روپين جو ڊگري ڪاليج  جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي اعليٰ آفيسر انجنيئر ، ايس ڊي او ۽ ٺيڪيدرار ملي ڀڳت ڪري 80 لکن جو غنبن جا انڪشاف ، ڪم ڪيترن مھينن کان بند پيل آهي ـھوڏانھن سياسي سماجي اڳواڻن ارشاد احمد ڪرٽيو اسلم عباسي ۽ ٻين چيو ته فريدآباد  ڊگري ڪاليج جو 10سال گذرڻ باوجود  مڪمل ٿي ناھي سگھيو ، ڊگري ڪاليج جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيو آهي، ڊگري ڪاليج جو ڪم ۾ لکين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ڊگري ڪاليج جي ڪم ۾ انجنيئر، ايس ڊي او ، سروير ۽ ٺيڪيدار اڪبر جانوري ملي بڳت ڪري لکين روپين جي ڪرپشن  ڪئي وئي آهي ـ ھنن چيو ته ڊگري ڪاليج ۾ ڪم اڌ به ناھي ٿيو، ھنن سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مرادعلي شاھ ـ تڪ جي چونڊيل نمائندن ، نيب ، اينٽي ڪرپشن جي اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي ، ھوڏانھن  ٺيڪيدار اڪبر جانوري سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر ٿي نه سگھيو.

  • ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪيترائي اسڪول بند پيل، ڊائريڪٽر کي نوٽيس جاري

مٺي (بيورو رپورٽ) ٿرپارڪر ضلعي ۾ تعليم تباهي ڪناري پهچي چُڪي آهي،اسڪولون بند هجڻ بابت ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون اچي رهيا آهن،سول جج جي اوچتي دوري دوران مٺي ويجهو هڪ ئي ڳوٺ هريار ۾ 2 پرائمري اسڪول بند  مليا،مٺي ڀرسان ڳوٺ هريار ۾ گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ۽ پرائمري راجپوت ڪالوني اسڪول بند هئڻ جو سول جج ۽ جُڊيشنل مئجسٽريٽ مٺي ٽو مريد حُسين راڄڙ نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي،عدالت پاران بند پيل اسڪولن بابت ڊائريڪٽر تعليم پرائمري اسڪول ميرپورخاص کي ليٽر جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،مليل رپورٽن موجب ته جُڊيشنل مجئسٽريٽ مٺي ٽو مُريد حُسين راڄڙ پاران اسڪولن جو اوچتو دورو ڪيو هو ۽ دوري دورن ڳوٺ هريار ۾ ٻئي اسڪول بند پيل هئا،اسڪولن کي تالا لڳل هئا ۽ اندر اسٽاف سميت هڪ به شاگرد موجود نه هو، اهڙي صورتحال بعد سول جج بند پيل اسڪولن بابت نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر تعليم اسڪول ميرپورخاص کان رپورٽ طلب ڪرڻ سان گڏ جانچ ڪري لاڳاپيل عملي خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

  • غوثپور ۾ شاگرد کي اسڪول مان نيڪالي ڏيڻ جو نوٽيس

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) غوثپور جي پرائمري اسڪول بولو خان چاچڙ  ۾ پنجين ڪلاس جي شاگرد جميل احمد کي اسڪول مان نيڪالي ڏيڻ واري معاملي جو ڊي سي ڪشمور منور مٺياڻي نوٽيس وٺندي سي ايم او نزاڪت ڏاهاڻي ۽ تعليم کاتي جي عملدارن کي جاچ جو حڪم ڏنو.ڳوٺ بولو خان چاچڙ پهچي استادن کان معاملي جا تفصيل ورتا. ان موقعي استادن جو چوڻ هو ته جميل چاچڙ سدائين اسڪول کان گسائيندو رهيو آهي، نه اچڻ جو سبب پڇڻ تي هن  استاد سان بداخلاقي ڪئي، هيڊ ماستر کيس گهر موڪلي والدين کي وٺي اچڻ جو چيو باقي کيس اسڪول مان نيڪالي ناهي ڏني وئي.

  • سجاول جي تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز جو جائزو

سجاول (ڊ ر) سجاول جي دي سي ارفان اسلام چيو آهي ته  ڪورونا خطرناڪ وبا آهي پر ايس او پيز تي عمل ڪري ان تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۽ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي دوري دوران استادن ۽ شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو  ته ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو ڇو ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا مثبت ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ڪورونا ويڪسينيشن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جو جائزو ورتو، هن ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول انتظاميه کي هدايت ڪئي ته ڪورونا ويڪسين سميت ايس او پيز تي هر صورت ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شاگردن کي مرض کان محفوظ بڻائي سگھجي. ڊپٽي ڪمشنر ڪاليج ۽ اسڪول جي عمارتن جو معائنو ڪيو ۽ مختلف ڪلاس  جو دورو ڪري تدريسي عمل جو پڻ جائزو ورتو.

  • ٿرڪول بلاڪ جي شاگردن جو ٽرانسپورٽر لاءِ احتجاج

اسلام ڪوٽ(ت،ر)ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ وروائي جي اسڪول جي شاگردن پاران ٽرانسپورٽ نه ملڻ خلاف احتجاج،خبرموجب:ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ وروائي جي مڊل اسڪول جي شاگردن ۽ استادن پارن ٽرانسپورٽ نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو،اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالحڪيم لنجو،استاد غلام قادر انڙ،استاد غلام مصطفىٰ راهمون،استاد محمد هارون هگورجو ۽ ٻين چيو آهي ته پري پري جي ڳوٺن جا شاگرد جيڪي ننگرپارڪر کان ايندڙ گاڏين ۾ اسڪول ايندا هئا،بلاڪ ون جي مائننگ چالو ٿيڻ ڪري اُهو روڊ بند ٿي ويو آهي ۽ متبادل رستو تمام پري ٿيڻ ڪري ڏهن کان مٿي ڳوٺن جا شاگرد تعليم کان محروم ٿي ويا آهن،ڪمپني طرفان ڪجھ ڏينھن لاءِ بس سروس ڏني وئي هئي جيڪو وري بند ڪئي وئي آهي،اسان سائينو سنڌ ريسورسز عملدارن کي اپيل ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي بس سروس ٻيهر شروع ڪئي وڃي.

  • ميهڙ لڳ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، ٻار معجزاڻي طور محفوظ

ميهڙ (رپورٽ: مرتضي پنهور )ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ قاضي عبدالمجيد بوائز پرائمري اسڪول  جا اچانڪ ڇت جا چاپڙ ڪري پيا استاد ۽ شاگرد محفوظ رهيا جڏهن ته  ٻارڙن ۾خوف پکڙيل تعليم جي وزير زبون ٿيل اسڪولن جي ڪابه  سار نه لڌي  ضلعي دادو جي ڊي او ۽ ٽي اي او ميهڙ انهن ڪڏهن اسڪولن جي وزٽ نه ڪئي  وري جتي اڌ اسڪولن جي صورتحال زبون بيڻل هجي ته آخر نوٽيس ڪير وٺندو قاضي عبدالمجيد جي شاگردن هاء ڪورٽ جي جج احمد علي شيخ کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي ته جيئن هتان جي زبون ٿيل اسڪولن جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ۽ نياڻن ۽ ٻارڙن کي سٺي تعليم ملي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.