نصرپور پوليس خلاف احتجاج، 2 ماڻهو پڪڙي چالان ڪرڻ جو الزام

اوڏيرولال (ن ع آ) نصرپور شهر جي رهواسين مصطفيٰ  ڇٽو، منٺار ڇٽو، وسيم ڇٽو، علي وارث ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته اسان جا 3 ماڻهو ابوبڪر ڇٽو، نصير ڇٽو ۽ مراد ڇٽو ٽنڊوالهيار ڪورٽ تان حاضري ڏيئي واپس اچي رهيا هئا ته ايس ايڇ او نصرپور علڻ عباسي کين ٽالپر اسٽاف وٽ روڪي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي ويو. ان بعد علڻ عباسي کانئن آزاد ڪرڻ لاءِ 5 لک رشوت طلب ڪئي. رشوت نه ڏيڻ تي ايس ايڇ او نصرپور اسان جي ماڻهن کي 2 ڪلو چرس ۾ چالان ڪري ڇڏيو آهي. هنن وڌيڪ چيو چيو ته ايس ايڇ او نصرپور مخالفن جي چوڻ تي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هڪ نه ٻئي ڏينهن اسان جا نوجوان کنڀي انهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي. احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آئي جي سنڌ ۽ ڊي آء جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي نوجوانن تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.