انڪم ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي آئما بيگ کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) انڪم ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي گلوڪارا آئما بيگ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

ايف بي آر انڪم ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي گلوڪارا آئما بيگ جي خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ايف بي آر موجب آئما 2019، 2018 ۽ 2020ع جو انڪم ٽيس جمع ناهي ڪرايو.

ايف بي آر موجب گلوڪارا ڏي ساڍن 8 ڪروڙن کان وڌيڪ ٽيڪس رهيل آهي.

ايف بي آر جو چوڻ هو ته انڪم ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي آئما بيگ جي ٽيڪس گوشوارن ۾ ظاهر ڪيل گاڏي ضبط ڪئي ويندي جڏهن ته ان سلسلي ۾ کيس نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.