قومي سلامتي جي سمورن پهلوئن تي پاليسي هڪ بهترين قدم آهي: آرمي چيف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا قومي سلامتي پاليسي ٺاهڻ بابت تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته قومي سلامتي جي سمورن پهلوئن تي پاليسي هڪ بهترين قدم آهي.

اسلام آباد ۾ قومي سلامتي پاليسي ٺاهڻ بابت تقريب ٿي، جنهن ۾ وزير اعظم عمران خان،  وفاقي ڪابينا جي ميمبرز، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ هٿياربند فوجن جي سربراهن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي  غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف جو چوڻ هو ته ملٽري سڪيورٽي قومي سلامتي جو هڪ  اهم پهلو آهن ۽ هي دستاويز قومي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي سلامتي پاليسي جي منظوري ڏني وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.