سنڌ ۾ عورتن ۽ مزدورن جي حقن بابت قانونسازي نه ٿيڻ جي ذميوار بيورو ڪريسي قرار،

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ عورتن ۽ مزدورن جي حقن بابت قانونسازي باوجود عمل نه ٿيڻ جي ذميوار بيورو ڪريسي قرار، عورت پارليامينٽرينز پاران عورتن جي اسمبلي ۾ جوڙيل ڪوڪس ذريعي قانون تي عمل درآمد ڪرائڻ جو فيصلو، ڪالهه عورت فائونڊيشن پاران هڪ مقامي هوٽل ۾ ”عورتن ۽ مزدورن جي حقن بابت سنڌ ۾ قانونسازي ۽ عملدرآمد تي چئلينجز “ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ جي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري وزير شهلا رضا چيو ته سنڌ ۾ عورتن، ٻارن ۽ مزدورن جي حقن لاءِ سڀ کان وڌيڪ قانونسازي ٿي آهي، پر عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري کاتي وٽ عملي جي سخت کوٽ آهي، 17هين گريڊ جون 32 پوسٽون خالي پيل آهن، ڀرتين تي پابندي آهي، ترقياتي ڪمن جي بجيٽ 100 سيڪڙو جاري ٿي آهي ۽ ترقياتي منصوبا مڪمل ٿين پيا پر اتي اسٽاف ناهي ته ڪم ڪيئن هلايون؟ حڪومت جي ڪم ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون، هڪ کان 4 گريڊ جي ڀرتين وارن لاءِ به عدالتن ۾ وڃي چيو وڃي ٿو ته انهن کان ٽيسٽ وٺو، هاڻي پٽيوالي کان ڪهڙي ٽيسٽ وٺجي ته چانهين ڪهڙي ٿو ٺاهي؟ هن چيو ته جبري مذهبي تبديلي جو هڪ ڪيس هجي ته ٻئي ڳالهه آهي باقي اڪثر سموريون چوڪريون پنهنجي مرضي سان گهران نڪرن ٿيون، آرزو ڪيس اسان جي اکين اڳيان آهي ٻيو ته اڪثر قانونسازي کانپوءِ ڪم ڪميٽين حوالي ٿئي ٿو ۽ پوءِ جيڪو ڪم ڪميٽي حوالي ٿئي ٿو اهو رلي وڃي ٿو، اسانکي دارلامان ملي ويا سکر جو دارلامان هڪ ڪلارڪ ۽ ڪپڙا سلائي ڪندڙ عورت هلائين ٿا، حيدرآباد جي گدو اسپتال ۾ هڪ عورت بلڪل ٺيڪ آهي پر هن جو پيءُ هن کي گهر نٿو وٺي وڃي، جڏهن ته اهو شخص پاڻ سفيد پوش آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته قانونن تي عمل به ڪرائجي پر انهي ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون، ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي رعنا انصار چيو ته عورتن جي لاءِ قانونسازي کانپوءِ رولز ٺهڻ ۾ دير ٿئي ٿي، جنهن جو بنيادي سبب بيورو ڪريسي آهي، هن وقت به تيزاب اڇلائڻ ۽ ٽرانسجينڊرز وارو بل ٽيبل ٿيل آهي جيڪو جلد اسمبلي مان پاس ٿي ويندو، ايم پي اي منگلا شرما چيو ته اقليتن ۾ پاڻ منافقت وڏي آهي، اهي اڳي ئي اقليت ۾ هجڻ باوجود وري شيڊيول ڪاسٽ ۽ ٻين ذاتين ۾ پاڻ کي ورهائي وڌيڪ ڪمزور ڪن ٿا، ننڍي عمر واري شادي کي روڪڻ لاءِ پنڊت کي رجسٽرڊ ڪرڻ ضروري آهي، راڌا ڀيل چيو ته اڳي شيڊيول ڪاسٽ کي الڳ ڪوٽا ملندي هئي جيڪا ختم ڪئي وئي آهي، هاڻي وڏيري جي زمين تي رهون ٿا خبر ناهي ته ڪڏهن اسانکي بيدخل ڪيو ويندو، ان لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي، ٻيو ته ننڍي عمر وارين شادين کي روڪڻ لاءِ اقليتن کي تحفظ جي ڪير ضمانت ڏيندو ته سندن ڇوڪريون 10 سالن کان وڏي عمر جون محفوظ ناهن، هاڻي تي 60 سال جون عورتون به محفوظ ناهن؟ ان موقعي تي هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ جي چيئرپرسن جسٽس رٽائرڊ ماجده رضوي، عورت ڪميشن جي سربراه نزهت شيرين، مهناز رحمان، ملڪه خان، ايم پي اي غزالا سيال ۽ پڻ ويچار ونڊيندي چيو ته سنڌ اسمبلي جيڪي عورتن ۽ مزدورن لاءِ قانونسازي ڪئي آهي انهي تي عملدرآمد ۾ بيوروڪريسي رڪاوٽ بڻيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.