تباهه ڪاريون، ڏنل اسان جون اماڙيون

تحرير :سيد غلام حيدر شاهه قلندري

انسان ته انسانن جو دشمن ٿيو ئي آھي، پر ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن پنهنجي صحت جو پاڻ ئي دشمن ٿئي، ته پوءِ ان کي نڀاڳ سڏجي يا اڀاڳ ڪوٺجي يا مائٽن جي پٽ پاراتو چئجي يا ھن معاشري جي ترقي سڏجي؟

بهرحال روئجي، ويچارجي ڇا ڪجي؟ ڪنھن تي معيار رکجي؟ وڏن ته گوڏا کوڙيا پر نئون نسل جيڪو تيزيءَ سان پنهنجي ھٿن سان پنهنجي تباهي ڪري رھيو آھي ۽ ان سان گڏوگڏ نئين نرسري کي به ان عمل سان لڳائي رھيو آھي، اسان جيڪي برگر فيمليز ٺاھيون آھن انھن جو نسل جديد ۽ جدت پسنديءَ ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويو آهي جو ادب، اخلاقيات، سماجي واسطا سڀ وساري ھڪ اڻ ڄاتل ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آھي، باقي وچون طبقو ان برگر معاشري کي پھچڻ لاءِ جائز ۽ ناجائز سڀ ليڪا لتاڙي ان حاصلات لاءِ پنهنجي نسل کي ڀڄائي ڀڄائي يا ذھني مريض ٺاھيندو پيو وڃي يا ته سڀ حدون ڪراس ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو، ان ۾ سڀ کان پھرئين شڪار والدين ئي ٿيندو، ان وڏيري ولڻ وانگر جنھن پنھنجي پٽ کي سردارن جي اولاد وانگر سردار ٺاھڻ جي چڪر ۾ مائيٽاڻي ملڪيت به تباھ ڪري ڇڏي ھاڻي ڇوڪر چڱو مڙس ۽ ولڻ گگون ڳاڙڻ ۾ پورو ۽ ننڊ جون گوريون کائي کائي زندگي ئي ويران ڪري ڇڏيائين.

اڄ حاجن سائين جي ڪچهري پوري مستي ۾ ھئي، جھونن کي به جھوٽا اچڻ لڳا، جيئن صالو سرٻٽ خان وڏ مڙسي ۾ نئين شادي ڪري ورتي پنجاھ ڪراس ڪرڻ بعد نون ساھرن وڏن پٽن کي چڱي ڪلھه چٽڻي ڪرائي، ھاڻي صالو سرٻٽ ڪري به ته ڇا ڪري؟ خواري کان سواءِ خاموشيءَ جي ٻيو ڪو چارو به ڪونھي، اھا ڳالھه ڪلھه خالو ھوٽل واري ٻڌي جيڪا اڄ ڪري رھيو ھو، مٿان گھمن گدامڙي دانھن مُنهن ڪندي چيو ته سائين ھاڻي ھر ھنڌ ھڪ ته جوئا جا اڏا ۽ ٻيا ڪڪڙن جا ملاکڙا مٿان وري ڪچي شراب جون بٺيون بس اسان وارا ته ڇورا ويا ڪم کان، پر ھاڻي ته اھا سونامي کڻيو پئي وڃي، ھڪ ته واتن ۾ ڳاڙھاڻ لڳي پئي آھي، ديوارن کي ھاڻي رنگ ڪرائڻ جي به ضرورت ڪانھي، سجاڳ وند اڳتي وڌن نه ته ڪو نه گڏبو ڪنھن سان، اتي سجو سجاولي رڙ ڪري چيو ته سائين ڪالھه پاڻ وارو دوست تڪڙو سائين گھر جي سامان وٺڻ لاءِ پنج ھزار رپيا ربو رھزن کان اڌارا کنيا ھئا سامان وٺڻ پئي ويو، وچ ۾ ڪڪڙن جي ويڙھ ڏسي ولو جي چوڻ تي بازي رکيائين سڀ ڏئي ڇڏيائين ھاڻي مائي جي خوف کان فون بند ڪري ٽلڻ خان جي اوطاق تان ٿيندو ھيڏانھن پيو اچي، اتي سائين حاجن چيو چندو ڪري ڏيوس روڪ رقم متان ڏيو سامان ريزڪي وٺي ڏيو ويچارڙا ٻار ته کائين، اُھي سڀ ڀلايون اسان جون پاڻ پيدا ڪيل آھن، ٿاڻيدار جيڪو منٿلي ٿو وٺي ان جو پنهنجو پٽ آئيس به واپرائي ڪلھه جوئا ۾ موٽر سائيڪل به ھارائي ويو، ڏسو الله سائين جو فيصلو جيئن ڊاڪٽر داسوڙي ھميشه ٻين جا بي گناھ اپنڊڪس جا خوامخواه آپريشن ڪندو ھو، اڻ ڄاڻ ماڻھن جا، الله سائين جو ڪرڻو سندس پٽ جو واقعي اپنڊڪس ٿي پيو ھاڻي کڻيو پيو وڃي آغا خان، بس ڪڏھن به ڪنھن سان دوکو نه ڪريو، گھمي ڦري وري واپس لڳندو، جيئن گلڻ کير ۾ بيٺل کڏي وارو پاڻي وجھي مالو ملنگ جي ھوٽل تي ڏيندو ھو ڪلھه بي خبري ۽ تڪڙ ۾ سندس ڇوڪر اتان کير اھو ساڳيو وٺي آيو سڄيءَ گھر پيتو جڏھن اھا خبر چار گلڻ کي پئي ڏاڍو پيشمان ٿيو اڄ ھتي جھونن جي جھوپڙي تي آيو آھي ان ٿاڻيدار ۽ تڪڙي سائين وانگر ھميشه توبهه ڪرڻ وري ڪڏھن به ان طرف اھڙين حرڪتن کان باز رھندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.