حيدرآباد مان کنڀيل مهراڻ ميراڻي آزاد ٿي گهر پهتو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد مان کنڀي گم ڪيل نوجوان مهراڻ ميراڻي بازياب ٿي گهر پهچي ويو. قاسم آباد فيز 2 جي رهواسي نوجوان مهراڻ  ميراڻي کي 11 جنوري 2022ع جي راته ڏيڍ وڳي اهلڪارن گهران کنڀي گم ڪري ڇڏيو هيو، جنهن کي 13 جنوري 2022ع جي راته 3 وڳي هٽڙي باءِ پاس ويجهو ڇڏيو ويو ۽ پنهنجي گهر پهچي ويو آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تهي مهراڻ ميراڻي جي ڀاءُ شاهجهان ميراڻي چيو ته منهنجي ڀاءُ کي کنڀي گم ڪرڻ جي پهرين رات تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن کي بازيابي دوران اڍائي کان 3 ڪلاڪن تائين سفر يا چڪر لڳرائي هٽري باءِ پاس وٽ ڇڏيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.