راڄوخاناڻي: ڳوٺاڻي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ٽنڊي الهيار ۾ ڌڱاڻي بوزدار جي رهواسين پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ٽنڊي الهيار ڀرسان ڌڱاڻي بوزدار جي رهواسي محمد رفيق بوزدار پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته هن جي ديھ دڙي ۾ 2 ايڪڙ 30 گنٽا زرعي زمين آهي جنهن تي سوئٽن جي پٽن لياقت، سليم ۽ ٻين قبضو ڪري ورتو آهي جڏهن ته زمين تي قبضو ڪندڙ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.