نارنگي جي کلن جا صحت ۽ خوبصورتي لاءِ حيران ڪندڙ اثر

نارنگي جي کَل مان حاصل ٿيندڙ فائدن کان لاعلمي سبب گھڻا ماڻهو ان کي نظرانداز ڪري اُڇلي ڇڏيندا آهن جڏهن ته ان جي کَلُن سان اوهان ڪيترائي فائدا حاصل ڪري سگھو ٿا.

وٽامن سي سان ڀرپور ميووي نارنگي جي کُلُن ۾ به فائبر، وٽامن بي 6، ڪيلشيئم، وٽامن اي، فولڪ ايسڊ سميت ”پولي فينول“ جهڙا جُز موجود هوندا آهن جيڪي دل، معدي ۽ جلد جي مرضن لاءِ گهڻو فائديمند ثابت ٿيندا آهن.

ماهرن موجب نارنگي جي کُلُن ۾ پولي فينول هوندا آهن جيڪي دائمي صحت ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن، ان کانسواءِ اهي شگر 1 ۽ شگر 2، ٿولهه، الزائيمر، ايڪني، موهيڙن ۽ ڇانورن جهڙين بيمارين جي علاج ۾ به گھڻا فائديمند آهن.

نارنگي جي کُلُن کي صحت ۽ خوبصورتي ۾ اضافي لاءِ ڪيئن استعمال ڪيو وڃي؟

صحت جي ماهرن موجب نارنگي جي کُلُن کي سڌي ريت ننڍن ننڍن ٽڪرن جي شڪل ۾ کائي سگھجي ٿو ۽ انهن کي سنهڙو ڪاٽي ڪري سلاد ۾ به استعمال ڪري سگھجي ٿو يا انهن کي شربت جي طور تي به غذا ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو.

نارنگي جي کُلُن کي مٺي ۾ سجائڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ان جو استعمال ڏهي يا ڪيڪن ۾ به ڪيو ويندو آهي.

احتياط:

ٻي پاسي نارنگي جي کُلُن جو استعمال جيڪڏهن پهريون ڀيرو ڪري رهيا آهيو ته احتياط لازمي آهي ڇو جو ان جو استعمال جسم ۾ نئين غذا طور انوکو تجربو هوندو.

ان ڪري شروع ۾ نارنگي جي کُلُن جو استعمال گھٽ مقدار ۾ شروع ڪريو ۽ پنهنجي جسم کي ان لاءِ استعمال جو عادي بڻايو، ان کان پوءِ ان جو غذا ۾ مقدار وڌائي به سگھجي ٿو.

نارنگي جي کُلُن کي صحت خوبصورتي ۾ واڌ لاءِ ڪيئن استعمال ڪري سگھجي ٿو؟

نارنگي جي کُلُن کي ڪاٽي خشڪ ڪري وٺو ۽ پوءِ ان جي مزيدار چانهه قهوه به بڻائي سگھجي ٿي، اها چانهه وٽامن سي سان ڀرپور آهي.

نارنگي جي کُلُن کي اُٻاري ونهنجڻ واري پاڻي ۾ شامل ڪرڻ سان جسم مان خوشبو ايندي ۽ اوهان جي جلد تازي، موسمي ايلرجيز ۽ انفيڪشنز کان پاڪ رهندي.

انهن کُلُن کي جلد تي مهٽڻ سان ايڪني، داغن ۽ ڇانون کان ڇوٽڪار حاصل ٿي ويندو.

ان جي کُلُن کي خشڪ ڪرڻ کان پوءِ سٺي طرح پيسي انهن جو پائوڊر تيار ڪيو، هاڻ ان پائوڊر کي ماکي ۾ سٺي طرح حل ڪريو ۽ چهري تي ماسڪ جي طور تي استعمال ڪيو.

ان ۾ موجود تيزابيت سبب ڏندن جي چمڪائي سگھجي ٿو، ڏينهن کي انهن کُلُن سان صاف ڪريو ۽ واضح فرق پاڻ محسوس ڪريو.

جيڪڏهن اوهان ڪپڙن مان بوءِ ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ته نارنگي يا مالٽي جو کُلُن ڪاٽي خشڪ ڪري وٺو ۽ انهن کي المياري ۾ رکي ڇڏيو، ڪپٽرن مان خوشبو اچڻ لڳندي.

جيڪڏهن ڪچن ۾ موجود ڪچري جي بوءِ سبب پريشان آهيو ته باسڪٽ ۾ نارنگي جون کُلُون وجهي ڇڏيو، اڻوڻندڙ بوءِ جو خاتمو ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.