سني ليون جي نئين ويڊيو ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا سني ليون جي نئين ويڊيو سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.

سني ليون اڄڪلهه پنهنجي فيملي سان گڏ مالديپ ۾ موڪلون ملهائي رهي آهي ۽ هوءَ سوشل ميڊيا، خاص طور انسٽاگرام تي به گهڻي متحرڪ رهي ٿي.

اداڪارا جي تازي ويڊيو سوشل ميڊيا تي سڀني جو ڌيان ڇڪائي ورتو، ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سني ليون سمنڊ ڪناري ويٺي آهي ۽ ان جي ڀرپاسي شارڪ مڇيون نظر اچي رهيون آهن.

ويڊيو پوسٽ ڪندي سني ليون لکيو ته مان ان جاءِ سان پيار ڪندي آهيان، جهنگلي جيوت کي محفوظ بڻايو، گڏوگڏ هن شارڪ جي ڀر ۾ ويهڻ جي تجربي کي ”شاهاڻو“ قرار ڏنو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Sunny Leone (@sunnyleone)

ويڊيو ڏسي مداحن ۾ پنهنجي پسنديده اداڪارا جي ڳڻتيءَ جي لهر پيدا ٿي وئي، اهو ئي سبب آهي جو مداحن طرفان ان ويڊيو تي مختلف قسمن جا تبصرا ڪيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.