ڇا وزيراعظم کي مري سانحي کانپوءِ فوري استعيفا ڏيڻ گھرجي

گل بيگ چانگ

ملڪ ۾ انسانيت سان ھمدري وارو احساس ختم ٿيندو پيو وڃي. مري واقعي پاڪستاني عوام کي مايوسي ڏئي ڇڏي آھي پراسان جي ملڪ جي وزيراعظم کي ڪوبھ اک ۾ ڳوڙھو نھ  آيو.

ڪوهه مري ۾ برفباري سبب 23 جانيون ضايع ٿيڻ ھڪ وڏو سانحو آھي. ملڪ جا حڪمران انھيءَ سانحي تي سياست ڪرڻ کان اڳ انھن اجڙي ويل خاندان جي مالي مدد ڪرڻ ۾ ڪابھ ڪسرنھ ڇڏين جنھن واقعي پوري خطي کي لوڏي ڇڏيو آھي. مري ۾ تفرح لاءِ ايندڙ سياحن کي روڪڻ حڪومت جي ذميواري ھئي پر انتھائي لاپرواھي ڪرڻ جو اڃان تائين پنجاب حڪومت ڪوبھ تحرڪ نھ ورتو آھي نھ وري انھن ذميوارڪامورن خلاف ڪابھ ڪارروائي عمل ۾ آئي آهي جنهن تي ملڪ جو عوام وڌيڪ ڏ کايل نظراچي رھيو آھي .

وفاقي حڪومت رڳو بيان بازي ڪري پنھنجي جان آجي ڪرڻ ۾ رڌل آھي جڏھن تھ ھن وقت تائين ڪيترائي ماڻھو برفباري سبب پريشاني جي ورچڙھيل آھن انھن کي ڪڍڻ ۽ کاڌ خوراڪ ڏيڻ سندن ذميواري ۾ شامل آھي. ملڪ جي وزيراعظم عمران خان کي ڪوھ مري سانحي تي سڀني مصروفتن کي ڇڏي ڪري پاڻ واقعي واري ھنڌ جو جائزو وٺڻ گھرجي ھا پر ائين نھ ڪرڻ سان ھو امين صادق رھڻ جي قابل نٿو ٿي سگھي.

اسان جي ملڪ جا ادارا ڇا پيا ڪن. انھن جون ٻيون ڪھڙيون سرگرميون آھن جن ۾ اھي مصروف بڻجي تماشو ڏسي رھيا آھن. پنجاب صوبي ۾ ٻين صوبن کان وڌيڪ سھولتون مھيسرھجڻ جي باوجود ڪوھ مري ۾ مواصلاتي نظام درھم برھم بڻجي ويو. علائقي جي روڊن تي سوين مڻ برف ھئڻ ڪري روڊ ويراني وارو ڏيک ڏيڻ لڳا آھن. ماڻھو پنھنجي گھرن تائين محدود بڻيل آھن اڃان ڪيترائي سياح انھيءَ برفباري ۾ پوريل ھجڻ جا امڪان ظاھر ڪيا پيا وڃن.

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تھ وفاق ۾ ويٺل حڪومتي ڪارندا واقعي جو تماشو ڏسندي رڳو پريس ڪانفرنسون ڪندي عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏيندي ڏٺا وڃن ٿا ڇاڪاڻ تھ جيڪو سانحو پيش آيو آھي ۽ ماڻھو ڦاٿل يا گاڏيون برفباري ۾ ڦاٿل آھن انھن کي حڪومتي سموري مشينري کي اتي امدادي ڪارروايون ڪرڻ کپن ڇوتھ  ڪوھ مري ۾ ھن سياري جي مند ۾ ھرسال برفباري پوندي آھي تھ پوءِ سياحن کي روڪڻ اتان جي انتظاميا جو ڪم ھيو جنهن ڏانهن انھن ڌيان نھ ڏنو ڪوهه مري تي اڪثر اميرترين ماڻھوتفريحي ماڳ گھمڻ لاءِ ڏيھي توڙي پرڏيھي علائقن مان ٽوئرڪرڻ لاءِ ايندا رھندا آھن انھن ماڻھن جي روڪ ٿام لاءِ مري جي انتظاميا ڪابھ رنڊڪ نھ ڪري سگھي. انھيءَ جا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا. انھن سمورن رخن جي عدالتي جاچ ٿيڻ گھرجي ڇو تھ مري واقعي ۾ جيترا ماڻھو برفباري ۾ ڦاسي ڪري فوت ٿي ويا آھن انھيءَ ڏک ۾ حڪومت ڪھڙا قد م کنيا آھن اھو سڀني جي سامھون آھي.

ملڪ عوام ھاڻي وزيراعظم عمران خان نيازي جي حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آھي. اڪثرماڻھن جو چوڻ آھي تھ وزيراعظم فوري طورتي استعيفيٰ ڏئي گھر ڀيڙو ٿي وڃي ڇو تھ پي ٽي آءَ جي حڪومت کي چئن سالن جو عرصو ھلي رھيو آھي ھنن جي دور ۾ مھانگائي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ھرغريب ماڻھو ويلي جي ماني کائڻ لاءِ پريشان بڻجي چڪو آھي. ماڻھو وزيراعظم کي پٽون ۽ پاراتا ڏئي رھيا آھن جن ھن کي حڪومت ۾ آندو ھاڻي اھي ھن مان لڳي ٿو بيزار آھن ڇاڪاڻ تھ ڪوھ مري سانحي ماڻھن جون متون منجھائي ڇڏيون آھن ھر پاڪستاني ماڻھو جي اک آلي آھي، پوري ملڪ ۾ سوڳ واري لھر ڇائنجي چڪي آھي اتي اسان جي ملڪ جي حڪمرانن لاءِ سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿيڻ وارو جواب ھر وقت سامھون ايندو رھي ٿو مري واقعي جي ڏکويل خاندان جي مالي سائتا ٿيڻ سان گڏ انھن جي گھرن ڏانھن ھلي وڃڻ حڪمرانن جو فرض آھي تھ اھي فوتي ماڻھن جي تڏي تي انھي خاندان کي آٿتون ڏين تھ جيئن انھن جو ڏک خوشين ۾ تبديل ٿي وڃي پر اھي سڀ ڪجھه اسان جي وفاقي حڪومت کي ڪرڻ گھرجي. مري واري علائقي جي روڊن جي حالت خراب ھجڻ ڪري اھڙو سانحو پيدا ٿيوآھي جڏھن تھ ريسڪيو جون امدادي ٽيمون پنھنجي ڪم ۾ لڳي ويون آھن. ھاڻي ڪوھ مري کي ضلعي جو درجو ڏيڻ جو بھ اعلان ڪيو ويو آھي اھي سھولتون پھرين ڏجن ھا تھ اھڙو سانحو نھ ٿي سگھي ھا.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.