سنڌ جي تعليمي ادارن۾لائبريرين جي ضرورت

تحرير؛"راز"علي گل ڀٽو

سنڌ جي مڙني تعليمي ادارن، خاص طور تي پرائمري ادارن کي ڏسون ٿا ته افسوس جا ھٿ ملڻا۽ارمان جا ڳوڙھا ڳاڙڻا پون ٿا،دنيا سان گڏ سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن جو ٻيجارو پرائمري اسڪولن۾تيار ٿئي ٿو،جيڪڏھن ٻيجاري جي جنس سٺي ۽ صحتمند ھوندي ته ٻوٽي جو فصل به بھتر پيداوار ڏيندو، سنڌ۾ماضيءَ جي تعليم نھايت ئي شاندار رھي آھي،اوڻيھه سؤ ستر تائين سنڌ جا تعليمي ادارا انتھائي مثالي ھوندا ھئا ۽ انھن مان فارغ ٿيندڙ شاگرد به قابل ھوندا ھئا، ڇو ته تعليم جو تدريسي ۽ انتظامي شعبو قابل ۽ منظم ھئو،ان ڪري نتيجا به اعلي قسم جا ملندا ھئا،ڇو ته اھي ادارا انگريزن جا جڙيل ھئا،بيشڪ ان وقت تعليمي ادارا ٿورا ۽ پري پري ھئا،مگر انھن جون عمارتون استاد، فرنيچر ۽ ٻيو ساز و سامان شاندار ھوندو ھئو، ھر درجي لاءِ الڳ استاد ھوندوھيو،استادن جي سکيا جو عمل سارو سال جاري ھوندو ھيو،جنھن ڪري تعليم جا نوان طريقا اختيار ڪرڻ سان استادن۾پڙھائڻ جو اتساهُه پيدا ٿيندو ھيو،نقل واري عقل جو وجود ئي نه ھوندو ھيو،پٽي سليٽ،ڪاپي۽ڪلڪ ذريعي ملندڙ تعليم اڄوڪي ڪمپيوٽر واري  پڙھائي کان ڪيئي درجا بھتر ھئي،ان دؤر۾اخلاقيات ۽ديني تعليم به گڏوگڏ ڏني ويندي ھئي،ورزش،راند روند۽لائيبريريءَ جا پيرڊ به ھلندا ھئا،اسڪولن۾ٿوريون ئي سھي پر لائبريريون ضرور ھونديون ھيون.ھاڻي تعليم ۾ ڪتاب گھٽ پر ڪمپيوٽر زياده ڪتب ٿئي ٿو،مٿان وري ڪمپيوٽر دؤر جي پڙھائي اڳوڻي ڪتبي پڙھائيءَ مھانگي ۽ عام ماڻھونءَ جي پھچ کان گھڻو پري آھي،ان ڪري اڄڪلھه جا تعليمي ادارا سٺا شاگرد ۽ انسان پيدا ڪرڻ بجاء رڳو ڊگريون اوڳاڇي رھيا آھن،جيترا تعليمي ادارا گھڻا آھن اوترا اڻ پڙھيل انسان گھڻا آھن، ذھني۽ اخلاقي طور نھايت ئي ڪمزور شاگرد ٻاھر اچي رھيا آھن،اڳ۾ ملھه واري ٽيوشن جو تصور ئي نه ھوندو ھيو، اگر شاگردن کي ڪنھن مسئلي تي مدد ۽ رھنمائيءَ جي ضرورت پوندي ھئي ته ساڳئي اداري جا استاد مفت۾رھنمائي۽ مدد ڪندا ھئا۔قلم۽ ڪتاب کان سواءِ تعليم نا ممڪن ۽  اڻپوري آھي، ادارن مان درسي تعليم به ملي ٿي ته دنيا جا انيڪ علم آگاھي به عطا ڪن ٿا،رڳو اسڪولن۽ادارن جي تعليم تي ڀاڙي ويھڻ چريائپ آھي،ان لاءِ ڪتابن جي وسيع دنيا جو سير ڪرڻو پوي ٿو،ان خاطر لائبريرين سان لنئون لائڻي پوي ٿي،جنھن کي ڪتابن سان عشق آھي،ان کي ڪتابن جي ورق گرداني ڪرڻي پوي ٿي،ايئن ته کوڙ ساريون خانگي لائبريريون جام آھن، پر اھي ھيڏي ساري آباديءَ لاءِ ناڪافي آھن۽ٻيو ته انھن تائين ھر ڪنھن جي رسائي به ممڪن ڪونھي، انھيءَ ڪري سرڪاري سطح تي تعليمي ادارن ۽ميونسپل ادارن ۾۽ان کان علاوه به ڪتب خانا کولڻ جي ضرورت آھي۔ان لاءِ ھر ننڍي۽وڏي تعليمي اداري۾ڪتاب ڪنڊ قائم ڪرڻ جي ضرورت آھي، جيئن شاگرد ۽ عام ماڻھون واندي وقت ۾ھيڏي ھوڏي رلڻ بجاءِ ڪتابن سان پنھنجو قرب قائم ڪن،دنيا جي فاتحن۽مدبرن جا قول آھن ته اگر ڪنھن قوم کي ختم ڪرڻو آھي ته ان سان جنگ ڪرڻ بجاء ڪتب خانا۽تعليمي ادارا تباهه ڪريو ته ذھني طور اھا قوم پاڻيھي تباهه ٿي ويندي.تب خانا ذھن پيدا ڪندا آھن،اھڙا ذھن وري معاشري جا اڳواڻ پيدا ڪري ٿو۔ميونسپل ادارن کي به پنھنجي معمول جي رقم مان ڪجھه حصو ڪتابن جي خريداريءَ تي خرچ ڪرڻ گھرجي۔اعلي تعليم جا ڪتاب ڏاڍا مھانگا ٿين ٿا،جيڪي ھرڪنھن شاگرد جي پھچ ۾ناھن،جنھن ڪري اھڙن ضرورتمندن ۽پڙھاڪن جي پورائي ڪتب خانا ئي ڪري سگھندا،لائبريري سائنس ھڪ مڪمل مضمون آھي،جنھن سان جڙيل ذھنن کي آگاھيءَ جي تازي ھوا لڳندي رھي ٿي،تازا علمي ذھن، سٺيون سو چون آڻيندا آھن۔جنھن سان معاشرو معطر ٿيندو آھي،علم جي اساٽ لائبريريون ئي لاھي سگھن ٿيون۔سرڪار جوعام طور۽تعليمي ادارن ۾ڪتب خانن ڏي ڌيان ئي ڪونھي۔اھا نظراندازي نئين نسل لاءِ نھايت ئي ھاڃيڪار آھي. جيئن صحتمند قوم جون اسپتالون غير آباد، باشعور ۽ پر امن قوم جا ٿاڻا، جيل ۽ جوئا خانا ويران ھوندا آھن، اھڙي ريت علمي زيور سان سينگاريل قوم جا مئيخانا ۽ ھوٽل ويران ھوندا آھن. ڪتب خانا آباد ٿيڻ سان شعور جي واٽن تي آگاھي ۽ ڄاڻ جا گل ڦٽندا آھن، ڪتب خانن ۾ ھڪ ئي وقت ھر قسم جو علم ملي ٿو۔جنھن۾سائنس طب،فقهه لسانيات، عمرانيات، اخلاقيات، معاشيات ۽ سياست جا علم اچي وڃن ٿا. جيئن واندا ذھن شرارتون ڪندا آھن.اھڙي ريت مصروف ذھن وري مثبت خيال آڻيندا آھن۔مثبت خيال وري روشن راھن وارو معاشرو اڏيندا آھن،جھڙي ريت واندا ذھن شيطان جو گھر ٿين ٿا،اھڙي ريت مصروف ذھن وري الھامي پيغام آڻين ٿا، پرائمري، ھاءِ اسڪول،ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ تائين باقائدي ڪتب خانا قائم ڪري روزانو لائبريريءَ جو پيرڊ رکيو وڃي،علم جي آگاھي جيئن ٽين اک ٿئي ٿي،اھڙي ريت ڪتب خانا علم۽آگاھيءَ جو جسم ٿين ٿا، ڪتب خاناآباد ٿيڻ سان سماجي ۽ طبقاتي وڇوٽيون ختم ٿين ٿيون،جيئن واندڪائي ھر برائيءَ جي پاڙ آھي،اھڙي ريت مصروفيت وري ھر برئيءَ جو علاج آھي، جيئن آئي ويل لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي ذخيرو ڪيا ويندا آھن، اھڙي ريت ڪتب خانن ۾ وري علم ذخيرو ڪيو ويندو آھي،لائبريريون علم جا کوهه آھن جتان علم جا اڃايل پنھنجي پياس لاھيندا آھن.دنيا جا جيترا به ڏاھا،اڪابر۽عالم پيدا ٿيا آھن اھي سڀ ڪتب خانن جو ثمر آھن،ڪتب خانا روشن خيال جستجو ۽آگاھيءَ جي پنڌن پيچرن جي منزل آھن،اسان جو قومي شعور تعليمي حوالي سان ھينئر آخري پساھن۾آھي،انھن پساھن کي تازوتوانو رکڻ لاءِ انکي تعليم جي معجون کارائڻي پوندي،ان کان علاوه خانگي تعليمي ادارن کي به قانوني طور مجبور ڪيو وڃي ته اُهي به پنھنجن ادارن ۾ڪتب خانا قائم ڪري،انھيءَ جا پيرڊ شروع ڪيا وڃن،ڇو ته ھينئر سنڌ۾خانگي تعليمي ادارن جو انگ سرڪاري تعليمي ادارن جي انگ کان گوءِ کڻي رھيو آھي،ان لاءِ ھاڻي بنا دير ڪتب خانن ڏي ڌيان ڏيڻ قومي خير خواھيءَ جو ڪم آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.