حريم شاهه رياست جي رِٽ چئلينج ڪري ڇڏي، جاچ شروع

اسلام آباد/ ڪراچي(م ڊ + رپورٽر) مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه هڪ ڀيرو وري ميڊيا جي زينت بڻجي وئي آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو ۾ چيو آهي ته مون کي ڪنهن به روڪيو نه آهي نه وري ڪو روڪي سگهي ٿو، پهريون ڀيرو پاڪستان کان برطانيا ايڏي وڏي رقم کڻي وڃي رهي هئس، پاڪستاني رقم ۽ پاسپورٽ سميت ڪنهن به شيءِ جي اهميت ناهي، هن پنهنجي فالوور کي چيو ته توهان پنهنجي رقم کڻي اچڻ وقت خيال رکندا ڪريو ڪٿي پڪڙجي نه پئو پر مون کي ڪنهن به ڪجهه نه چيو نه وري ڪجهه چئي سگهن ٿا، آئون تمام آسان ۽ محفوظ طريقي سان پهچي ويس، حريم شاهه وڌيڪ چيو  ته حڪومت ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي صرف ڳالهيون ڪندي آهي، برطانيا ۾ ايڏو سيءُ آهي پر هتي ڪوبه ماڻهو نه مئو آهي، جڏهن ته مري ۾ برسات ۽ برفباري ۾ ماڻهو مري ويا. ٻي طرف وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) حريم شاهه خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ايف آءِ اي اختيارين برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خط ۾ نيشنل ڪرائم ايجنسي کي ڪارروائي جي درخواست ڪئي ويندي، آءِ ايف اي موجب انسٽاگرام تي جاري ويڊيو ۾ حريم شاهه پاڻ وڏي رقم منتقل ڪرڻ جو اعتراف ڪري رهي آهي، حريم شاهه خلاف فارن ايڪسچينج قانونن تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، واضح رهي ته حريم شاهه 10 جنوري جي رات ڪراچي انٽرنيشل ايئرپورٽ تان دوحا لاءِ سفر ڪيو هو، هن وڏي رقم سان گڏ ويڊيوز سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيون ۽ اعتراف ڪيو ته هوءَ اها ڳري پرڏيهي ڪرنسي پاڪستان مان برطانيا کڻي آئي آهي، ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته غير قانوني طريقي سان ڪرنسي جي منتقلي مني لانڊرنگ جي زمري ۾ اچي ٿي، هوڏانهن مني لانڊرنگ جي جاچ بابت خبرن کانپوءِ حريم شاهه پنهنجون ويڊيوز سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان ڊليٽ ڪري ڇڏيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.