پاڻي کوٽ سبب زراعت تباهه ٿي چڪي آهي: اسماعيل راهو

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ سامونڊي ترقي اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سامونڊي علائقن سميت بدين جا مسئلا وڌي ويا آهن، اتي لائيو اسٽاڪ، فشريز ۽ زراعت تباهه ٿي چڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه مقامي هوٽل ۾  موسمياتي تبديلي بابت سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو، اسماعيل راهو جو وڌيڪ چوڻ هو ته سامونڊي علائقن کي پاڻي نه ملڻ جي ڪري وڏي تعداد ۾ بدين مان ماڻهو ٻي جڳهه تي لڏ پلاڻ شروع ڪري ڏني آهي. بدين جي سامونڊي علائقي ۾ زمين جي ٻيهر سروي ڪرائڻ جي ضرورت آهي، لکين ايڪڙ ساحلي زمين سمنڊ جي ور چڙهي وئي آهي. ماحوليات واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ جي ماڻهن ۾ موسمياتي تبديلي بابت آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، هر علائقي جي ماحولياتي آلودگي پنهنجي پنهنجي نوعيت آهي. اسماعيل راهو چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي ننڍن هارين کي ڊرپ ايريگيشن سبسڊي تي ڏني پئي وڃي، 18هين ترميم کانپوءِ صوبن جي ذميواري وڌي وئي آهي، ان سان گڏ عورتن جي ترقي ضروري آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.