شاهه رخ جتوئي معاملي جي جاچ جو حڪم

ڪراچي/اسلام آباد(رپورٽر+م ڊ)سنڌ جي وڏي وزير شاهه زيب قتل ڪيس جي سزا يافته جوابدار شاهه رخ جتوئي جي جيل کان اسپتال منتقلي معاملي تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، گهرو کاتي پاران جاچ ٽيم جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، هوڏانهن  پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر ۽ وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته سنڌ جون  جيلون  مافياز حوالي آهن، دهشتگردي ۽ قتل جي ڏوهارين کي عياشيون ڪرائڻ تي سنڌ جو وڏو وزير جوابده آهي. هن چيو ته جنهن صوبي ۾ چيف جسٽس جي حڪم تي پڪڙيل شرجيل ميمڻ کي ڇڏيو وڃي، ان کان وڌيڪ ڪهڙو مذاق ٿي سگهي ٿو، هوڏانهن  اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عثمان مرزا، جي ٽي روڊ ريپ ڪيس ۽ جتوئي ڪيس اسان جي انصاف جي نظام لاءِ چئلينج آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.