نوجوان ۽ ناري تي تشدد: وفاقي حڪومت جو ڪيس جي پاڻ پيروي ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ نوجوان ۽ ناري تي تشدد جي ڪيس جي پاڻ پيروي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪا بخاري ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيس جي پيروي جو اعلان ڪيو.

هن چيو ته وفاقي حڪومت پيروي جو فيصلو متاثر ڇوڪري طرفان جوابدارن کي نه سڃاڻڻ سبب ڪيو آهي، رد نه ڪرڻ جوڳيون ويڊيوز ۽ فرانزڪ شاهديون رڪارڊ تي موجود آهن.

سندس چوڻ هو ته عورتن کي هراسان ۽ بي لباس ڪندڙ قانون کي منهن ڏيندا.

واضح رهي ته گذريل سال جولاءِ ۾ سوشل ميڊيا تي نوجوان ۽ ناري تي تشدد جي ويڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن کانپوءِ اسلام آباد پوليس ايڪشن وٺندي تشدد ڪندڙ بااثر جوابدار عثمان مرزا سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو.

اسلام آباد جي سيڪٽر اي اليون ۾ پيش آيل واقعي جي ڪيس جي 11 جنوري تي ٻڌڻي ۾ متاثر ناري طرفان عدالت ۾ اسٽامپ پيپر جمع ڪرايو ويو.

متاثر ناري بيان ڏنو ته پوليس اهو سڄو معاملو پاڻ ٺاهيو آهي، مان حلفي بيان ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي نه ڏنو، مان ڪنهن به جوابدار کي نه سڃاتو ۽ نه ئي ڪنهن پيپر تي صحيحون ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.