ڪي اين شاهه لڳ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب زال مڙس فوت، پٽ زخمي

خيرپورناٿن شاه ( رپورٽ: سيد اطهر بخاري ) خيرپورناٿن شاه ڳوٺ قومي چارو ۾ افسوسناڪ واقعيو ، پورهيت منظور کوسو جي گهر واري 42 ورهين جي مسمات ڪلثومه گهر ۾ ڪپڙن جي تار تي ڌوتل  ڪپڙا ۽ رلي وجهندي ڪرنٽ لڳڻ شرط دانهن ڪئي ته گهر ۾ موجود سندس مڙس پورهيت 50 ورهين جو پورهيت منظور کوسو زال کي بچائيندي تار ۾ سوگهو ٿي ويو سندن معصوم پٽ 09 ورهين جو بلاول ماءۡ پيءۡ کي بچائيڻ لاء ڏاٽو کڻي تار کي ڪٽڻ شروع ڪيو ته ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي ڪري پيو جڏهن ته ٻيا گهر جا ڀاتي 35 ورهين جي امتياز کي پڻ ڪرنٽ لڳو جيڪو ڪرنٽ لڳڻ باوجود محفوظ رهيو.  مسمات ڪلثومه سندس مڙس منظور کوسو سندس پٽ بلاول کي فوري طور تي تعلقا اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر زال مڙس جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي جڏهن ته زخمي نينگر بلاول کي تعلقا اسپتال ۾ طبي امداد ڏئي کيس گهر وڃڻ جي اجازت ڏني زال مڙس ٻنهي جا لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ قيامت صغرا جهڙو منظر ڪيهاٽ پئجي ويا ، فوتي منظور کوسو جو ننڍو ڀاءۡ امتياز کوسو ٻڌايو ته منهنجي ڀاڄائي گهر ۾ ڪپڙا ۽ رليون ڌوئي تار تي وڌيون لوهي تار لڪڙي سان ٻڌل هئي انهي لڪڙي سان بجلي جي تار گڏ ٻڌل هئي جنهن ڪري ڪپڙن جي لوهي تار ۾ ڪرنٽ اچي ويو ڀاڄائي جيئن ئي تار تي رلي وڌي ته ڪرنٽ لڳڻ شرط تار ۾ سوگهي ٿي وئي دانهن ڪرڻ تي منهنجي وڏي ڀاءۡ زال کي بچائيڻ لاء کيس ٻانهن کان ڇڪيو ته اهو به سوگهو ٿي ويو منهنجو ڀائيٽو بلاول تار کي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جڏهن ته هڪ ئي وقت گهر مان ٻه جنازا نڪرڻ دوران گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ماحول سوڳوار هر اک آلي نظر پئي آئي جڏهن ته فوت ٿيندڙ زال مڙس جي مڙهن کي سيد جڙيل شاه جيلاني جي تاريخي قبرستان ۾ آلين اکين جي موجودگي ۾ مٽي ماءۡ حوالي ڪيو ويو

  • سرهاڙي ۽ ڀرپاسي بدامني، هفتي اندر 3 چوريون

سرهاڙي (رپورٽ: مهدي رضامري) سرهاڙي شھر۽ ڀرپاسي ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪي جنهن سبب شھر سميت علائيقي مان امن جو پکي اڏامي ويو چوريون روز جو معمول بڻجي ويو رهواسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور انتظاميا عوام جي جان مال جي حفاظت  ڪرڻ ۾ ناڪام رهواسي سخت غير محفوظ بڻيل ان ڏس ۾ ورتل ڄاڻ موجب ته سرهاڙي شھر سميت ڀرپاسي ۾ چورين جي وارداتن ۾ هرروز اضافو ٿيدو پيو وڃي جنهن سبب رهواسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي پيا آھن هڪ ئي هفتي اندر سرهاڙي ٿاڻي جي حد ۾ چورئي جي ٽيئن وادات رات نامعلوم چور شھر جي وارڊ نمبر 4 ڳوٺ چوڌري محمد صديق پنجابي ۾ نامعلوم چور پورهيت قيصر پنجابي جي گهر اندر داخل ٿي ڀلي نسل جا ٻه ڇيلا چورائي ويا ڀاڳين پاران سجاڳ ٿيڻ تي چورن جا پيرا کنيان جيڪي ڳوٺ ڀرسان ريلوي پٽڙي تي گم ٿي ويا ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ شھر جي وارڊ هڪ مان نامعلوم چور شھري گلزار ميمڻ جي بند پيل گهر ۾ داخل ٿي سونا زيور ڪپڙا ۽ گهريلو سامان سميت لکين روپين جي چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا هڪ هفتي ۾ نامعلوم چور اسپتال روڊ تان شھري راشد بروهي جي آرامشين اڳيان بيٺل نئي سي ڊي موٽر سائڪل چورائي ويا شھر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ چورين جي واداتن تي پوليس ڪنٽرول ڪرڻ مڪمل ناڪام بڻجي وئي آھي جنهن سبب رهواسي پاڻ کي غير محفوظ هجهڻ لڳا آھن رهواسين پوليس جي اعلئ قيادت کان مطالبو ڪيو آھي ته شھر سميت ڀرپاسي مان چورين جي واداتن کي ٻنجو ڏئي علائقي ۾  امن جي فضا قائيم ڪري بيچني دور ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.