ڪوٽڙي ۾ صائب ميمڻ سان سرهي سانجهه، لفظن جي ڀيٽا

ڪوٽڙي (ت ر)ڪوٽڙي سنڌي ادبي سنگت ضلع ڄام شوري,بزم غالب ملڪاڻي,منظور سخيراڻي آرٽ گئلري جي گڏيل سهڪار سان سنڌ جي نامور شاعر,سنڌي ادبي سنگت جي متحرڪ ساٿي صائب ميمڻ سان سرهي سانجھ ملهائي وئي جنهن جي صدارت نامور شاعر قاضي بدر ڪئي مهمانن ۾ الطاف ملڪاڻي,شفيع چانڊيو,اختر رند,آغا ظفر,عاشق دادوي شامل ها,ليکڪ محبوب سنڌي چيو ته صائب ميمڻ شاعري ذريعي پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪئي آهي,نامور ڪهاڻيڪار آغا ظفر چيو ته صائب ميمڻ سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي جا گيت لکيا آهن,نامور ليکاري الطاف ملڪاڻي چيو ته صائب ميمڻ انقلاب ڳائي پنهنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي,نامور ڪهاڻيڪار اختر رند چيو ته صائب ميمڻ جي خمير ۾ سنڌيت جو عشق ڀريل آهي,نامور ليکڪ شفيع چانڊيو چيو ته سنڌي ادب جي واڌ ويجھ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي,عاشق دادوي چيو ته صائب ,ميمڻ ۾ بيباڪ شاعر آهي,جنهن وٽ لکڻ جو مقصد آهي صدارتي خطاب ڪندي قاضي بدر چيو ته صائب ميمڻ چيو ته صائب ميمڻ اهو ليکاري آهي جنهن سنڌ ڳائي آهي تقريب ۾ چاچو عاشق سولنگي,اصغر گاڏهي, رحمت ڪنول آخوند,عبدالنبي آزاد,گاهي عالماڻي ۽ ٻين شاعري ذريعي صائب ميمڻ کي ڀيٽا ڏني.   صاحب رهاڻ صائب ميمڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مان سنڌ جو شاعر آهي انهي ڪري مون وٽ آجپي جا گيت ۽ نظم آهن تقريب ۾ صائب ميمڻ جي 57 هين سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو ان موقعي تي صائب ميمڻ کي اجرڪن ۽ گلن جا تحفا ڏنا ويا تقريب ۾ نامور راڳين سرور سخيراڻي ۽ فيضان سرور صائب ميمڻ جي شاعري ڳائي داد ورتو

  •  سن ڀرسان اسڪول جي عمارت زبون، ٻار کليل آسمان هيٺ ويٺل

مانجهند (ن ع آ) سن ڀرسان ڳوٺ ڪوٽائي چانڊيه ۾ گرلس پرائمري اسڪول جي  عمارت زبون حالي جو شڪار ٿيڻ سبب خوف مان  شاگردن ۽ شاگردياڻيون ٿڌ ۽ برسات واري موسم ۾ کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ لڳا ٿڌ سبب ڪيترائي ٻار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا سندن تعليم سخت متاثر ٿيڻ لڳي پر اطلاع باوجود ٽي اي او گرلس سميت ضلع عملدارن بوٽيس نه ورتو.  هتان جي رهواسين عبدالرحمان چانڊيو عبدالله چانڊيو رحم حسن چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ت گرلس اسڪول جي عمارت جي وڏي عرصي کان مرمت نه ٿيڻ سبب مڪمل طور تباه ٿي وئي آھي جنهن سبب معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ لاء کين کليل آسمان هيٺ ويهاري تعليم ڏني وڃي ٿي سخت ٿڌ ۽ برساتي موسم سبب ڪيترن ئي ٻارن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آھي ڪيترائي ڀيرا ٽي اي او فيميل آفيس مانجهند جا چڪر ڪاٽيا آھن پر اتي ڪلرڪ ۽ پٽيوالا سندن شڪايت نوث ڪرائڻ جا ڏٽا ڏئي واپس ڪريو ڇڏين جنهن سبب سندن زندگيون داء تي لڳل آھن هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت اسڪول عمارت ٺھرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.