حيدرآباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد بدين چالي واري علائقي ۾  اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو. پوليس موجب فائرنگ ۾ نوجوان محمد عرفان پٽ عطا الرحمان زخمي ٿيو. کيس سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. نوجوان کي چار گوليون لڳيون آهن. سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. واقعو پراڻي تڪرار جو نتيجو ٻڌايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.