فاضل راهو جي ورسي ملهائڻ لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل

گولاڙچي(ن ع آ) هاري اڳواڻ شهيد فاضل راهو جي پنجٽيهين  ورسيءَ جي حوالي سان گولاڙچي ۾ تياريون جاري آهن، ان حوالي سان ڪالهه اڱاري جي ڏينهن گولاڙچي جي ايم ڪي هال ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ شهيد فاضل جي فرزند صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو، محمد اسلم راهو، عادل راهو، پ پ اڳواڻ حاجي عبدالغفور ميمڻ، عرفان گجر، اڳوڻو چيئرمين عبدالسلام آرائين، رياض احمد آرائين، ڪامريڊ اسلم ميمڻ، رئيس عمر شاهاڻي سميت ڪيترن ئي هاري، آبادگار ۽ واپاري اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي شهيد فاضل جي فرزند صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته شهيد فاضل هتان جي هارين آبادگارن سميت هر ان طبقي جو اڳواڻ هو جيڪو طبقو طاقت ور مافيائن هٿان پيڙهيو وڃي ٿو هن چيو ته شهيد فاضل اڄ به عام ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي هن جي جدوجهد جي تاريخ هڪ حوصلي جي تاريخ آهي جن ماڻهن شهيد فاضل کي ڏٺو يا ساڻس گڏ رهيا اهي جبر آڏو ڪڏهن به ناهن جهڪيا، جڏهن ته شهيد فاضل راهو يادگار ڪاميٽي جي ڪنوينر اسلم راهو ڳالهائيندي چيو ته شهيد جي ورسي جي تقريب هن دفعي به عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي، سندس چوڻ هو ته شهيد فاضل جو فڪر، سندس نظريو ڪمزور ۽ پيڙهيل طبقي جي فلاح ۽ بهبود جو نظريو آهي جيڪو پنهنجي ماڻهن جي زندگين کي خوشحال بڻائڻ لاء پتوڙڻ جي ترغيب ڏي ٿو. واضح رهي ته هلندڙ مهيني جي سترنهن تاريخ تي شهيد فاضل جي ورسي تقريب جي حوالي سان شهيد جي ڳوٺ راهوڪيء ۾ هڪ وڏو جلسو رٿيل آهي جنهن  ۾ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه توڙي ٻين مرڪزي اڳواڻن جي شرڪت جا چٽا امڪان آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.