بيڊگورننس ۽ ڪرپشن سبب ماڻھو بنيادي سھولتن کان محروم آهن: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن عبدالرشيد گوپانگ، سانول گوپانگ، ساگر گوپانگ، ولي داد گوپانگ، شمس الدين گوپانگ، عزير گوپانگ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ريشما گوپانگ حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رھائش گاھ تي ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۾ شموليت اعلان ڪيو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته دنيا ۾ حڪمران تعليم، صحت، سائنس، روزگار جي وسيلن ذريعي اڳتي وڌي رھيا آھن، پر اسان وٽ ڪرپٽ ماڻھن حڪمراني کي ڦرلٽ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي، خراب ۽ ڪرپٽ حڪمراني وڏو مسئلو آھي، جنھن ڪري عام ماڻھو انصاف، روزگار، تعليم، صحت ۽ بنيادي انساني حقن کان محروم آهن، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي تعليم کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي، بيڊگورننس ۽ ڪرپشن جي ڪري سنڌ ۾ ماڻھو بنيادي سھولتن ۽ حقن کان محروم آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.