تاريخي ماڳ ڀنڀور تي والار لاءِ لينڊ مافيا سرگرم

ڌاٻيجي (ن ع آ) سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ايراضي تي والار لاءِ لينڊ مافيا سرگرم ٿي وئي، لينڊ مافيا تاريخي ماڳ جي زمين  تي والار لاءِ روينيو عملدارن کان مدد وٺي ڇڏي جڏهن ته  فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير جاويد جوکيو چيو آهي ته تاريخي ماڳ ڀنڀور سان هٿ چراند جاري آھي، لينڊ مافيا روينيو عملدارن جي ملي ڀگت سان تاريخي ماڳ تي قبضي جي تياري ڪري ڇڏي آهي. ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته تاريخي ماڳ کي بچائڻ لاءِ نه نڪتاسين ته تاريخي ماڳ سان گڏ اسان جو وجود به  مٽجي ويندو. هن چيو ته پ پ حڪومت تاريخي ماڳ مڪانن سميت سڄي سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ کپائي ڇڏيون آھن، عوام کي حڪومت خلاف رستن تي نڪري اچڻ گهرجي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.