ڪنڊياري مان ٻڪريون چوري ڪندڙ 2 چور سوگها

ڪنڊياري (ن ع آ)ڪنڊياري شھر مان مختلف وقتن تي ڪيترائي ڀيرا ٻڪريون چوري ڪندڙ چور چوري ۾ ڪامياب ٿيندا رھيا پر اڄ ماستر سھراب منگسي،صادق پٺاڻ جون ٻڪريون چوري ڪندي پوليس جي نظر چڙھي ويا پوليس سندس پيچو ڪيو ته چور شھر جي گلين مان لڪندين شھرين جي گھرن ۾ داخل ٿي ويا جتي عورتن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ڪنڊياري پوليس چوڪيدار ۽ شھرين چور ٻڪرين سوڌو ٻن چورن کي پڪڙي ورتو شھرين مطابق چور احمد ۽ معشوق ولد طالب چانڊيو ٻڌايا پيا وڃن جن کي پوليس هراست ۾ وٺي ڇڏيو جنھن کي لاڪ اپ ڪري ورتو جنھن جو آخري اطلان تائين ڪيس داخل نه ٿيو ڪنڊياري پ پ انچارج صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڀاڳين مان اگر ڪو اسان وٽ اچي ٿو ته اسان آيف آئي آر داخل ڪنداسين ٻئي طرف شھر ۾ چئوٻول آھن ته پوليس تي ڪيس داخل نه ڪرڻ لاءِ سياسي دٻاءُ پڻ وڌو پيو وڃي ڀاڳين ڏانھن راڄوڻي لاءِ ميڙمنٿ ڪئي پئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.