باڊهه ۾ بدامني، ڏوهه روز جو معمول، ايس ٽي پي جي سڏ تي ڌرڻو

باڊھه ( رپورٽ: نظام ڪولاچي ) باڊهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شهر ۾ وڌندڙ چورين ۽ بدامنيءَ خلاف پارٽي اڳواڻن ڪامريڊ قادر بروهي، منور نوناري ۽ شمس پنهور جي اڳواڻيءَ ۾ باڊهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ پارٽي ڪارڪنن عالم بروهي، صفر مغيري، جان محمد مغيري، سرائي سوڍو سولنگي کان علاوه مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل شخصيتن فدا حسين تنيو، ظفر پنهور، علي رضا نوناري، لالا رياض بروهي، مور سنڌي، مير مرتضيٰ گوپانگ، سليم ساريو، غلام نبي لنڊ، ممتاز لنڊ، اعجاز ڪانڌڙو، وقار پٺاڻ ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته باڊهه ۽ ڀرپاسي ۾ چورن ۽ ڦورن جو راڄ قائم آهي. شهر ۾ چور ۽ ڦورو آسانيءَ سان وارداتون ڪري فرار ٿي رهيا آهن. ٿاڻو ۽ پوليس موبائل گشت هئڻ باوجود شهر ۾ بدامني هئڻ مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڏوهارين کي پوليس جي واضح سرپرستي حاصل آهي. هنن چيو ته ڪجهه وقت اڳ وچ شهر مان لڳل ڌاڙو ڏوهاري گرفتار ٿيڻ بجاءِ پوليس ۽ ڏاڍن مڙسن توڙي ڏوهارين وچ ۾ ڊيلنگ بعد واپس ٿيو ۽ ان ڌاڙي ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري هڪ ٻئي پٺيان ٻيا ڪيترائي لڳاتار ڏوهه شهر مان ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال رهي ته شهر ۾ امن ڪٿان قائم ٿي سگهندو. جڏهن ته ڏوهارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري امن قائم ڪرائڻ پوليس جي ذميدارين ۾ شامل آهي ۽ اهي ذميداريون باڊهه پوليس ادا نه پئي ڪري، جنهن ڪري شهر مان امن جو پکي اڏامي چڪو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پوليس جي ضلعي توڙي تعلقي سطح جي آفيسرن باڊهه شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته ايس ٽي پي باڊهه پوليس خلاف هڪ ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.