دادو ۾ بدامني، 24 ڪلاڪن دوران 3 وارداتون

دادو ( ڊ ر) دادو ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آھي 24 ڪلاڪن جي دوران 3 چوري ۽ ڦر جو وارداتون پيش آيون آھن جنهن نامعلوم چور پوليس هيڊ ڪواٽر جي سامهون گڊس ٽرانسپورٽ جي ڇت ٽوڙي لکين روپين جو سامان چوري ڪري ويا جنهن ۾ بادام سان ڀريل 5 پاچڪا 20 کان وڌيڪ ڪارٽون، ڪٽا ۽ 15 بيٽريون چور کڻي ويا آهن ميونسپل ملازم خواجا سراه حمزو ميمڻ جي گهر جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي گهر مان 5 لک کان وڌيڪ ماليت جي چوري ڪري ويا دادو ۾ وڌندڙ بدامني شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي هن وڌيڪ چيو ته رات مائٽن جي شادي تي ويل هئاسين ته پويان چور گهر جو تالو ٽوڙي چوري ڪري ويا آهن هن چيو ته گهر مان سونا زيور ۽ 98 هزار نقد چوري ٿي ويا  پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس به ٽن ڪلاڪن بعد پهتي گڊ ٽرانسپورٽ جي مالڪ چيو ته اسان وٽ شهر جي  مختلف دوڪاندارن جو سامان ڪراچي مان گذريل ڏينهن شام جو پهتو هيو جيڪو اڄ صبح جو  اسان کي دوڪانن تي پهچائڻو هيو جيڪو چوري ٿي ويو هن چيو ته دوڪان   پوليس هيڊ ڪواٽر جي  گيٽ جي سامهون آھي پر افسوس پوليس اگهور ننڊ ستل آھي هن چيو ته هن ايس ايس پي جي اچڻ کانپوء بدامني چوٽ چڙهيل آھي هن وس وارن کان اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.