جيڪب آباد ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو الزام، دڪان سيل ، 4 ڊيلر گرفتار ، آزاد

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي ) جيڪب آباد ۾ يوريا ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو جاري، اسسٽنٽ ڪمشنر جو ڀاڻ مارڪيٽ تي ڇاپو بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ 4 ڊيلر گرفتار دڪانون سيل خبر موجب جيڪب آباد ۾ يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ختم نه ٿي سگهي بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪرڻ جو عمل جاري آهي اسسٽنٽ ڪمشنر شهزاد احمد بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ ڀاڻ مارڪيٽ تي ڇاپو هڻي وجي ڪمار، شنڪر لال کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته چار دڪان سيل ڪيا ويا آهن پوليس بااثر جي فون تي گرفتار ٿيل ڊيلرن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ زراعت کاتي جي انسپيڪٽر عبدالرشيد چانڊيو ٻڌايو ته ڀاڻ جي بليڪ تي وڪرو ڪندڙن چار ڄڻن کي گرفتار ڪرايو ويو هو ڏنڊ ڏيڻ بعد انهن کي آزاد ڪرايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.