بدين ۾ٻانهن تڪرار تان الزام هيٺ ڌر تي حملو، چڱو مڙس مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي

بدين (رپورٽ: رازق ڏنوکوسو) بدين جي ڳوٺ جرار نھڙيو مان ٻانهن کڻڻ واري معاملي تان ابڙن ۽ نھڙين ۾ تڪرار تان ڪالهه مھراڻ چوڪ  وٽ  نھڙيه برداري جي موٽر سائيڪل سوارن حملو ڪري معزز شخص خدا ڏنو ابڙو، سندس ڀائيٽي عبدالرحيم ابڙو ۽ پاڙيسري مبين مگسي کي پسٽل جا فائر ڪري شديد زخمي ڪري وڌو، واقعي بعد شھرين زخمين کي انڊس اسپتال بدين پھچايو، جتي خدا ڏنو ابڙو جي حالت خراب ھجڻ تي کيس طبي مدد ڏئي حيدر آباد ريفرر ڪيو ويو،  پر خدا ڏنو سورن جي سٽ نه سھندي رستي ۾ دم ڏيئي ڇڏيو،  جڏھن زخمي عبدالرحيم ابڙو ۽ مبين مگسي جو علاج انڊس اسپتال ۾ ھلندڙ آھي، ڊاڪٽرن پاران سندن حالت خطري کان ٻاھر ٻڌائي آھي. جڏھن ته زخمي عبدالرحيم ابڙو موجب ته ھٿياربندن کي مون سڃاتو آھي، چئوٻول آھن ڪجهھ سال اڳ جرار نھڙيو ڳوٺ جي ٻانهن مقتول جي ڌر جي ماڻهن راڄوڻي بعد نھڙيا برادري کي واپس ڪئي ھئي، جنهن تان واقعو پيش آيو آھي. ابڙا براداري جي معزز شخص خدا ڏنو ابڙو جي مارجي وڃڻ بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول آھي پوليس موجب اسان ابتدائي رپورٽ درج ڪري ورتي آھي جيئن فوتي ۽ زخمي جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو. مقتول خدا ڏني ابڙو جو لاش حيدر آباد کان بدين جي ڳوٺ جمعون ابڙو آندو ويو، مڙهه پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.