لاڙڪاڻي واسي پورهيت ڪراچي ايئرپورٽ تان گم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) روزگار جي سلسلي ۾ دبئي ۾ 11 ڏينهن ترسڻ بعد ڪراچي پهتل چئن ٻارن جو پورهيت پيءُ جناح ايئرپورٽ مان پراسرار نموني گم، وارثن پورهيت جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي سهر جي نيو بس اسٽينڊ واري علائقي جو رهواسي چئن ٻارن جو پورهيت پيءُ فرمان علي ولد اٽل خان ڪورڪاڻي ڪراچي جناح ايئرپورٽ مان پراسرار نموني گم ٿي ويو جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن. ان حوالي سان پراسرار نموني گم ٿي ويل پورهيت جي ڀاءُ اعجاز ڪورڪاڻي رابطي ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته منهنج ڀاءُ فرمان علي ڊپريشن جو مريض هئڻ سان گڏ سندس ذهني توازن ڪجهه حد تائين ٺيڪ ناهي جيڪو گذريل 28 ڊسمبر جي ڏينهن لاڙڪاڻي مان دبئي روزگار جي سلسلي ۾ ويو جتي ڊپريشن جي مرض سبب سندس جي طبيعت خراب ٿي جنهن بعد هو گذريل 8 جنوري جي صبح 5 وڳي دبئي ايئرپورٽ کان ڪراچي جناح ايئرپورٽ پهتو جتان هو پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي جنهن جو موبائيل نمبر پڻ مسلسل بند آهي سندس گمشدگي بابت ڪراچي جي ايئرپورٽ ۽ لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاني تي ڏنو پر ان جي باوجود ڀاءُ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو خبر ناهي ته هن وقت هو ڪهڙي حال ۾ هوندو، ڀاءُ جي گمشدگي بعد سندس جي اولاد ۽ ٻيا گهر ڀاتي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهيون. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.