ڪوٽڏيجي ۾ بدامني، هفتي ۾ چور 3 دڪان ٻهاري ويا، احتجاج

ڪوٽڏيجي (رپورٽ: ثناءُ الله بگٽي)ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي ڇوڏاهو چوڪي انچارج وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام هڪ هفتي اندر 3 دڪانن مان لکين رپين جو ڌاڙو هئڻ باوجود چوڪي انچارج اک نه پٽي گذريل رات نامعلوم چورن ڇوڏاهو چوڪي سان گڏ ڳوٺاڻي عبدالمجيد سومرو جي جرنل اسٽور جي دڪان کي کاٽ هڻي دڪان ۾ پيل ڪپڙن جا ٿان بوٽ، مختلف ڪريمن سميت هزارين روپيا روڪ رقم ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا چوڪي انچارج چوڪي تان غائب هجڻ ڪري علائقي واسين  اھڙي اطلاع ڪوٽڏيجي ايس ايڇ او کي ڏني جيڪو واقعي واري هنڌ پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪري تفصيل معلوم ڪرڻ بعد واپس روانو ان سلسلي ۾ متاثر دڪاندار عبدالحميد سومرو ٻڌايو ته نامعلوم چورن دڪان کي کاٽ هڻي لکين رپين جو قيمتي سامان ۽ 50 هزار روڪ رقم کڻي ويا منهنجو دڪان چوڪي جي ديوار گڏ هجڻ باوجود چوڪي انچارج اختيار علي اڄڻ ۽ پوليس اهلڪار چوڪي تي نه هجڻ ڪري چورين آساني سان لکين رپين جو نقصان ڏئي مون غريب سان ظلم ڪري ويا نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.واضع رهي ته هڪ هفتي اندر ڇوڏاهو چوڪي ڀرسان نامعلوم چورن ليڊيز ڪپڙن جو مشهور درزي حليم ﷲ سومرو جي دوڪان جا به تالا ٽوڙي هڪ سئو کان سبيل اڻ سبيل ليڊي جوڙا سلائي مشينون ۽ سولر پليٽون، ۽ ٻيو سامان ۽ ان کان علاوه درزي درشن ڪمار جي دڪان جا به تالا ٽوڙي 50 کان وڌيڪ سبيل اڻ سبيل جوڙا 2 سلائي مشينون سميت سڀ ڪجهه کڻي ويا هئا  پر ان باوجود ڇوڏاهو چوڪي انچارج چوري ٿيل سامان واپس ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙيل علائقي واسين صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ ڊي آءِ جي سکر ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڇوڏاهو چوڪي انچارج کي هٽائي امن امان قائم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.