مري سانحي تي قومي اسيمبلي ۾ گوڙ، عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي: مخالف ڌر

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته مري ۾ افسوسناڪ واقعو ٿيو، جڊيشل ڪميشن ٺاهي واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي،قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته ماڻهو 20 ڪلاڪ برفباري ۾ ڦاٿل رهيا، ڪنهن نه پڇيو، مري ۾ ٽريفڪ پوليس موجود نه هئي، نه ڪو انتظام هو، ماڻهو مدد لاءِ سڏيندا رهيا پر ڪير نه پهتو، مري واقعو انتظامي ناڪامي، نااهلي ۽ مجرماڻي غفلت کانسواءِ ڪجهه ناهي،هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن گهڻي رش هئي ته سياحن کي مري وڃڻ کان روڪڻ لاءِ انتظام ڇو نه ڪيا ويا؟ موسميات کاتي جي اڳڪٿي باوجود انتظام نه ڪيا ويا، هڪ وزير چيو ته شاندار اڪانامي هلي رهي آهي، لکين ماڻهو مري وڃي رهيا آهن، حادثي وقت هڪ اسلام آباد ۾ سُتل هو ۽ ٻيو مڪاني چونڊن لاءِ ڌانڌلي ۾ رڌل هو،سندس چوڻ هو ته مري ۾ 23 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي ذميوار حڪومت آهي، قوم هن حڪومت کي معاف نه ڪندي، جڏهن به موقعو آيو ته حساب وٺندي، واقعي تي سرڪاري آفيسرن جي ڪميٽي ٺاهڻ هڪ ٻيو سنگين مذاق آهي، واقعي بابت انڪوائري ڪميشن جوڙي جاچ ڪئي وڃي،شهباز شريف مري سانحي جي وزيراعظم جي ٽوئيٽ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪڏهن انتظاميا تيار نه هئي ته توهان ڪهڙي مرض جي دوا آهيو، استعيفيٰ ڏيو ۽ گهر هليا وڃن،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻار، پيرسن، نوجوان اسان جي راڄڌاني کان ٻه ڪلاڪ پري برف ۾ ڦاٿل رهيا، پر اسان انهن کي اهي مدد نه پهچائي سگهياسين جيڪا انهن جو حق آهي، هن چيو ته پوري سوشل ميڊيا تي مري واقعي تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، بيوروڪريسي جي آفيسن ۽ پوليس کي فون ڪالون وڃي رهيون هيون، ڪو ته نوٽيس وٺي ها، هڪ وزير پهرين معاشي ترقي جي دعويٰ ڪئي بعد ۾ متاثرن کي ذميوار قرار ڏنو، اهڙي منافقت اسان پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ تائين ناهي ڏٺي، هن شهبازشريف پاران عدالتي ڪميشن بڻائڻ واري مطالبي جي حمايت ڪئي، هن چيو ته نئون پاڪستان مهانگو پاڪستان بڻجي چڪو  آهي، رڳو هن ملڪ جي عوام جو خون سستو ٿيو آهي، وزيراعظم ۽ وڏو وزير حقيقي نمائندا هجن ها ته فوري طور تي اتي پهچي ماڻهن جي مدد ڪن ها، حڪومت سياست کان پهرين انسانيت سکي،  پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته اسان ايٽمي طاقت آهيون پر ماڻهن کي برف کان نه بچائي سگهياسين،مري سانحو ڊزاسٽر نه غفلت جو نتيجو آهي، حڪومت وقت تي قدم کڻي ها ته ائين نه ٿئي ها، ماضي ۾ به برفباري ٿي پر فوتگيون نه ٿيون،هن چيو هاڻ ته موسم جي به اڳواٽ خبر پئجي ٿي وڃي، ايڏي وڏي غفلت ٿي، جنهن سان دنيا ۾ پاڪستان جو اميج خراب ٿيو، اسان ايٽمي طاقت ۽ ستون وڏو ملڪ آهيون پر برف کان ماڻهن کي نه بچائي سگهياسين، وزيراعظم کي پنهنجي ناڪامي تسليم ڪرڻ گهرجي ها،سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شريف فيملي پنهنجي ذاتي محلن تي پئسو خرچ ڪيو، جيڪڏهن وسيلا مري تي خرچ ٿين ها ۽ شريف فيملي محل نه ٺاهي ها ته اڄ هي ڏينهن نه ڏسڻو پئي ها،قومي اسيمبلي ۾ شهباز شريف جي تقرير تي ردعمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪنهن سياسي جماعت مري سانحي تي رليف ۾ حصو نه وڌو، شاهد خاقان عباسي سميت ن ليگ ۽ ٻين جماعتن جا اسيمبلي ميمبر گم رهيا، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، پاڪ فوج، ضلعي انتظاميا ۽ ٻيا ادارا رليف آپريشن ۾ مصروف رهيا،هن چيو ته 30-30 سال حڪومتون ڪندڙ اسان کان سوال ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن وسيلا مري تي خرچ ڪيا وڃن ها ته اڄ هي ڏينهن نه ڏسون ها، اپوزيشن سانحي تي سياست ڪري رهي آهي، انهن جا لڳايل ڪنڊا اسان هر وک تي ڪڍي رهيا آهيون، 70 سالن جا مسئلا اسان حل ڪري رهيا آهيون،سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت ۾ سياحت کي هٿي ملي، جيڪا حقيقت آهي، اسان هاڻ نئون نظام آڻي رهيا آهيون، فواد چوڌري چيو ته هڪ لک 64 هزار گاڏيون مري ۾ داخل ٿيون هيون ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو مري پهتا، جڏهن ته فواد چوڌري جي تقرير تي اپوزيشن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو، هن خلاف ”لوٽا لوٽا“ ۽ شيم شيم جا نعرا هنيا، جڏهن ته آزاد ايم اين اي اسلم ڀوتاڻي چيو ته بلوچستان واسين پاران مري سانحي تي تعزيت ڪريون ٿا، گوادر ۾ ٻوڏ سبب گهٽ تباهي ناهي ٿي، ان تي ڳالهه  ڇو نه پئي ٿئي، گوادر سي پيڪ جو جهومر آهي، غريب ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.