ڪورونا لاءِ شهري احتياطي اپاءُ وٺن: اسد عمر

اسلام آباد (م ڊ ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، شهري احتياطي تدبيرون اختيار ڪن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ويڪسين نه ڪندڙ ماڻهن کي جلد ويڪسين ڪئي وڃي. هن چيو ته 30 سالن کان مٿي عمر وارا ماڻهو ويڪسين بوسٽر ضرور وٺن. اين سي او سي اجلاس ۾ ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ 48 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين ڪئي وئي آهي. اين سي او سي اجلاس موجب 71.5 ملين ماڻهن کي مڪمل ويڪسين ڪئي وئي آهي، ڊسمبر ۾ 21.5 ملين ماڻهن کي ويڪسين ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته قلات ۾ 87 سيڪڙو، ڪراچي ڏکڻ ۾ 82 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 77 سيڪڙو ماڻهن کي ويڪسين ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.