سکر پوليس 15 ڏينهن اڳ کنڀيل جوابدار مقابلي ۾ ماري ڇڏيو

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سکر پوليس پنڌرهن ڏينهن اڳ کنڀيل نوجوان ياسين شيخ کي مبينا مقابلي ۾ ماري ڇڏيو، ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون موجب دادلوءِ ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ هڪ ڌاڙيل ياسين شيخ مارجي ويو آهي، ايس ايس پي موجب مارجي ويل ڌاڙيل تي ڪراچي ۽ اندرون سنڌ ۾ ڦر، چورين ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو جنهن جي قبضي مان پستول، ميگزين ۽ گوليون برآمد ڪيون ويون آهن، ٻي طرف مارجي ويل جي وارثن مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏيندي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو آهي ته اسان جي نوجوان کي 15 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن خلاف ڪيترائي ڀيرا سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج پڻ ڪيو آهي، پوليس اسان جي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.