وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جولين هارنيس جي ملاقات

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گڏيل قومن جو ريزيڊنٽ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر فار پاڪستان مسٽر جولين هارنيس پنهنجي لاڳاپيل ٽيمن سان گڏ سنڌو درياهه بابت ملاقات ڪئي. جنهن ۾ يو اين سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن نيٽ ورڪ 27/2023 جي ترجيحن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انڊس ريور بيسن مينجمينٽ، پاڻي جي پهچ/فراهمي ۽ استعمال ۾ سڌارو آڻڻ ۽ اقتصادي ترقي جهڙن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن ناصر شاهه، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، اسماعيل راهو، ڄام خان شورو، منظور وساڻ، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. مسٽر جولين چيو ته پاڪستان ۾ گڏيل قومن جو موجوده پائيدار ترقي وارو فريم ورڪ 2022-2018 ڊسمبر 2022ع ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وڏي وزير ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سندس حڪومت جي اسٽريٽجڪ ترجيح ”موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات“ تي آهي. هن چيو ته هڪ پائيدار ۽ صحتمند بيسن ريور حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌو طاس جي انتظام ۽ ترقي ۾ سهڪار، پاڻي جي پهچ ۽ استعمال کي بهتر بڻائڻ، معاشي ترقي، آبهوا، جهڳين ۽ درياهه جي لنگهن تي رهندڙ ڪميونٽي جي خوشحالي لاءِ اولين ترجيح آهي.

  • شاهد خاقان مري سانحي تي سياست نه ڪري: شهباز گل

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي ترجمان ۽ سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته نااهل درٻاري ڪردار جا ڪارا ۽ ڪرپٽ ماڻهو آهن، سڄي قوم مري سانحي سبب صدمي ۾ آهي، عوام کي حوصلو ڏيڻ بجاءِ ڪرپٽ ماڻهو ارهه زراوري ۾ مصروف آهن، شاهد خاقان عباسي جي بيان جي ردِعمل ۾ هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ڪرپشن ڪيسز تي ڳالهائي، مري سانحي تي سياست نه ڪري،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.