آرمي چيف جي مدي بابت حڪومت تماشو لڳايو: شاهد خاقان

ڪراچي (رپورٽر)اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ نون جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين تحت آرمي چيف جي رڳو مقرري ٿيندي آهي،ملڪ ۾ ڪڏهن به ملازمت جي مدي ۾ واڌ تي بحث ناهي ٿيو، پر هي تماشو لڳائي ويٺا آهن، مري ۾ ڪڏهن به برف ۾ ڦاسي پوڻ سبب فوتگيون ناهن ٿيون،اهڙي ڳالهين جو اظهار شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي .ان کان اڳ احتساب عدالت ۾ پي ايس او ۾ غير قانوني مقرري واري ريفرنس ڪيس ۾ شاهد خاقان عباسي سميت ٻيا پيش ٿيا .ريفرنس ڪيس ۾ شريڪ جوابدار شيخ عمران الحق جو وڪيل پيش نه ٿيو .وڪيل عمرسومرو بيمار ٿي ويو آهي ان ڪري حاضر نه ٿي سگهيو .عدالت جوابدار جي وڪيل جي غير حاضري جي ڪري ڪيس جي ٻڌڻي 7فبيروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.