عشرت العباد، مصطفيٰ ڪمال، خالد مقبول سان رابطا آهن: آفاق احمد

حيدرآباد(رپورٽر) مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد اعلان ڪيو آهي ته 21 جنوري تي ايم ڪيو ايم جو باغ مصطفيٰ گرائونڊ ۾ عام جلسو ٿيندو. حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان سنڌ سرڪار جي بلدياتي قانون جي بل کي رد ڪيون ٿا ۽ پيپلزپارٽي کان علاوه سموريون پارٽيون ان قانون خلاف هڪ راءِ آهن. هن چيو ته مڪاني نظام ڪهڙو هجڻ گهرجي، ان تي صلاح مشورا جاري آهن. سنڌ جي شهري علائقن جي حقن لاءِ اسان ميدان ۾ آهيون، موجوده سنڌ حڪومت سنڌ جي شهرن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. هر جاءِ تي گندگي جا ڍير آهن، پاڻي جي نيڪال ۽ فراهمي وارو نظام به تباهه لڳو پيو آهي. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. ان صورتحال ۾ مهاجر تنظيمن کي متحد ٿيڻ گهرجي. اسان جي ماڻهن جو ڊاڪٽر عشرت العباد، مصطفيٰ ڪمال، خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار سان به رابطو آهي. هن چيو ته اسان هڪ پارٽي نه ٿا بڻجي سگهون پر ايم آر ڊي، قومي اتحاد وغيره وانگر هڪ اتحاد بڻائي سگهون ٿا. سنڌ ۾ جيڪڏهن ڏاکڻي صوبي لاءِ ريفرنڊم ڪرايو وڃي ته يقين سان چوان ٿو ته ان جي حق ۾ فيصلو ايندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.