ڊکڻ ۾ ڏوهارين جو راڄ، ڦر ۽چوري وارداتون، هڙتال، ٿاڻي آڏو ڌرڻو

ڊکڻ (ن ع آ)   ڊکڻ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو،جڏهن ته هڪ ئي رات ڦر ۽ چوري جون 2 وارڌاتون پيش آيون آهن،ڊکڻ ٿاڻي جي حد شڪارپور – لاڙڪاڻو بخشا شاخ لاڙي وٽان نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي شڪارپور واسي چوپائي مال جي واپارين خادم حسين لوڊرا ، عنايت علي لوڊرا ، زبير احمد ۽ ٻين کي يرغمال بڻائي اڍائي لک روپيا روڪ رقم ۽ موبائل فونن ڦر ڪري فرار ٿي ويا،جڏهن ته ڊکڻ شهر ۾ نامعلوم چور دڪاندار ذوالفقار علي منگي جي دڪان جو دروازو ٽوڙي 60 هزار روڪ رقم ۽ موبائل فون چوري ڪري فرار ٿي ويا،جڏهن ته اهڙو اطلاع ڊکڻ پوليس کي ڏنو ويو آهي، ڊکڻ  شهر جي دڪاندار ذوالفقار علي منگي جي دڪان مان چوري ۽  شهر وڌندڙ بدامني خلاف شهرين ۽ واپارين پاران شٽربند هڙتال ڪري، وڏي علم پاڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي مظاهرين ڊکڻ ٿاڻي آڏو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ،شهرين ۽ دڪاندارن صدر جميل احمد شيخ، ربنواز منگي، علي نواز سيال، سليم جيهو، سلمان سومرو ذوالفقار علي منگي، سيد نويد شاهه  علي ڏنو منگي، ۽ ٻين چيو ته نئون مقرر ٿيل ايس ايڇ او صديق شر مقرر دوران 4 ڏينهن اندر 4 ڏوهي وارداتون پيش آيون آهن، ڊکڻ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي،پر هتي پوليس نالي ڪا به شئي نظر نه ٿي اچي،هوڏانهن ڊکڻ ٿاڻي جي حد شڪارپور – لاڙڪاڻو بخشا شاخ لاڙي وٽان نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي شڪارپور واسي چوپائي مال جي واپارين خادم حسين لوڊرا ، عنايت علي لوڊرا، زبير علي کي يرغمال بڻائي لک روپيا روڪ رقم ڦر واقعي بعد فرار ٿي ويا، ڊکڻ پوليس ۽ واپارين پاران هٿياربندن جا پيرا کوجي ڪتن ذريعي پيرا کنيا، جيڪي ڪلرائي شر ۾ لڳا آهن، جتان ڊکڻ پوليس ڪارروائي ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته بدامني خلاف ڊکڻ ٿاڻي آڏو لڳل ڌرڻي  جي 3 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين اشيتاق حسين آرائين ڊکڻ ٿاڻي تي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري 2 ڏينهن جي مهلت وٺي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.