ايندڙ ٽي مهينا اهم آهن، حڪومت نه رهندي: منظور وساڻ

ڪراچي ( رپورٽر) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته مان اڳ به چئي چڪو آهيان ته ايندڙ ٽي مهينا اهم آهن ۽ گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، هي حڪومت نه رهندي، جيڪڏهن حڪومت رهي ته عمران خان هوندو يا نه فيصلو هنن ٽن مهينن ۾ ئي ٿيندو،اهڙي ڳالهين جو اظهار هن سنڌهاءِڪورٽ جي ٻاهران ميڊياسان ڳالهائيندي ڪيو ،ان کان اڳ  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ۾ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي نيب انڪوائري تي منظور وساڻ جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ منظور وساڻ ۽ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا،ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته منظور وساڻ جي خلاف انڪوائري بند ڪرڻ يا جاري رکڻ بابت هن وقت تائين ڪو به فيصلو ناهي ٿيو، عدالت منظور وساڻ جي عبوري ضمانت ۾ 25 فيبروري تائين واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي انڪوائري جاري رکڻ يا بند ڪرڻ بابت جواب طلب ڪري ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.