مبارڪپور ۾رستو گندي پاڻي هيٺ، ٻار جو لاش هٿن تي کڻي قبرستان آندو ويو

مبارڪپور( رپورٽ: انور شاهه ) مبارڪپور لڳ ڳوٺ خميسو بمبل ۾ لنڪ روڊ جي سھولت نه ھجڻ ڪري معصوم ٻارڙي جو لاش دفنائڻ لاءِ  به  ڳوٺاڻن کي تڪليفون درپيش، برسات سبب ڪچو رستو پاڻي ھيٺ اچڻ سبب نينگر جو لاش ھٿن تي کڻي دفنايو ويو، ڳوٺاڻن طرفان تڪ جي ايم اين اي،  ايم پي اي ۽  مير اعجاز حسين خان جکراني، DC جيڪب آباد کي اپيل ڪئي وئي آهي ته  مھرباني ڪري اسان جي رستي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ اسان کي روڊ جي سھولت ڏني وڃي جيڪو اسان جو بنيادي حق آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.