ڪشمور ۾ ڀاڻ جي کوٽ برقرار، آبادگارن جو احتجاج

ڪشمور(ن ع آ) ڪشمور جي مقامي آبادگارن الزام لڳائيندي چيو آهي ته آبادگارن کي ڀاڻ ڏيارڻ بدران ڪشمور ۾ مقرر فوڪل پرسن ارشاد کوسو ڀاڻ ڊيلرن جي گودامن تي منتقل ڪرائ رھيو آھي جتان ڀاڻ ڊيلر  3 ھزار رپين ۾ بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪري رهيا آهن ڀاڻ بليڪ تي وڪري خلاف آبادگارن علي بخش نائچ فقير محمد چاچڙ محمد دين مزاري واحد بخش جکراڻي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته گذريل ڏينهن ڊي سي ڪوٽا ۾ آيل يوريا ڀاڻ جا 12 سئو ٻوريون آبادگارن کي ڏيڻ بدران ڪشمور جي ڀاڻ ڊيلرن حوالي ڪيون ويون آبادگارن الزام لڳائيندي چيو ته ڪشمور ۾ ڊي سي ڪشمور طرفان مقرر فوڪل پرسن ارشاد کوسو في ڀاڻ جي ٻوري تي ڪميشن عيوض ايندڙ ڀاڻ آبادگارن کي فراهم ڪرڻ بدران ڊيلرن کي منتقل ڪرائ رھيو آھي ھنن ڪمشنر لاڙڪاڻو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته ڪشمور ۾ آبادگارن سان ٿيندڙ ناجائزين جو نوٽيس وٺي آبادگارن کي ڀاڻ ڏياري رليف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.